ڪڻڪ پاليسي حڪومتي ويزن مطابق تيار ڪئي آهي:شرجيل ميمڻ

ڪراچي(رپورٽر)سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ جي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي نئين ڪڻڪ خريداري پاليسي، سنڌ حڪومت جي وسيع حڪومتي ويزن مطابق تيار ڪئي وئي آهي۔ نئين ڪڻڪ خريداري پاليسي جو مقصد آبادگارن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي۔ هڪ ملين ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي خريداري جو فيصلو خوراڪ جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ اٽي جي قيمتن کي ڪنٽرول ۾ رکڻ لاءِ ڪيو ويو آهي۔ڪڻڪ خريداري پاليسي بابت هڪ بيان ۾ هن   چيو ته پهرين اپريل کان صوبي جي 109 مرڪزن تي ڪڻڪ جي خريداري شروع ٿيندي۔ في من ڪڻڪ جي امدادي قيمت 3,500 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي۔ وچ وارن ماڻهن جو ڪردار ختم ڪرڻ لاءِ پهريون ڀيرو ڪڻڪ صرف رجسٽرڊ هاري ڪارڊ هولڊرن کان خريد ڪئي ويندي۔ هاري ڪارڊ ذريعي خريداري جو سڀ کان وڏو فائدو حقيقي آبادگارن تائين پهچندو، جڏهن ته 330,000 آبادگار سڌي طرح فائدو حاصل ڪندا۔هن چيو ته هن سال حڪومت بارداڻو فراهم نه ڪندي، آبادگار پنهنجو بارداڻو پاڻ آڻيندا۔ هر ٿيلهي لاءِ 60 رپيا ادائيگي سڌي طرح انهن جي بئنڪ اڪائونٽن ۾ سنڌ بئنڪ ذريعي ڪئي ويندي، نئين طريقيڪار سان نه صرف خريداري جو عمل آسان ٿيندو، پر اهو وڌيڪ شفاف، مؤثر ۽ ڪنهن به ممڪن جعلسازي کان محفوظ هوندو۔شرجيل انعام ميمڻ چيو ته حڪومت وٽ 200,000 ٽن ڪڻڪ اسٽاڪ ۾ موجود آهي ۽ ان کي عوامي ضرورت مطابق استعمال ڪيو ويندو۔ سنڌ ۾ ساليانو لڳ ڀڳ 4.3 ملين ٽن ڪڻڪ پيدا ٿئي ٿي۔ موجوده پاليسي ننڍن آبادگارن جي سڌي مالي مدد لاءِ ترتيب ڏني وئي آهي،هن وڌيڪ چيو ته هاري ڪارڊ اسڪيم تحت آبادگار ڊي اي پي ۽ يوريا ڀاڻ تي سبسڊي ذريعي فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، نئين پاليسي جو مقصد آبادگارن جي سهائتا، خوراڪ جي حفاظت ۽ عوام کي گهٽ قيمت تي اٽو فراهم ڪرڻ آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.