اسان کي نشانو بڻائيندڙ ملڪن جي سرزمين تي حملا ڪنداسين:ايراني صدر

اسلام آباد/تهران (بيورو رپورٽ/ع آ نيوز) وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ هڪ هفتي دوران ٻيو ڀيرو ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ تفصيلي گفتگو ڪئي   وئي.وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته وزيراعظم ۽ ايراني صدر ۾ گفتگو هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ وقت تائين جاري رهي، ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ ۽ امن جي ڪوششن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.وزيراعظم ايران تي حملن جي سخت مذمت ڪئي ۽ ڏکئي وقت ۾ ايراني عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪيو. شهباز شريف پاڪستان طرفان امن جي قدمن جي ڀرپور حمايت جو ذڪر ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته اجتماعي ڪوششن سان ڇڪتاڻ جي خاتمي جو ڪو رستو نڪري ايندو. مسعود پزشڪيان پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيندي ڳالهين ۽ ٽياڪڙي لاءِ اعتماد سازي جي ضرورت تي زور ڏنو.  شهباز شريف 1,900 کان وڌيڪ قيمتي جانين جي نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، فوتين لاءِ دعا ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. وزيراعظم ايراني صدر کي پاڻ، نائب وزيراعظم اسحاق ڊار ۽ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي وچ ۾ آمريڪا، برادر خليج ۽ اسلامي ملڪن سان جاري سفارتي رابطن بابت آگاهه ڪيو، جنهن جو مقصد امن ڳالهين لاءِ سازگار ماحول پيدا ڪرڻ آهي.هن امن جي شروعات لاءِ پاڪستان جي مضبوط حمايت جو ذڪر ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته گڏيل ڪوششون تڪرار کي گهٽائڻ لاءِ هڪ مؤثر رستو ڳولينديون. ايراني صدر مسعود پزشڪيان وزيراعظم جي مخلص سفارتي ڪوششن جي تعريف ڪئي ۽ ايران خلاف اسرائيلي قدمن جي حوالي سان پنهنجي موقف جو اظهار ڪيو، ۽ ڳالهين ۽ ٽياڪڙي لاءِ اعتماد سازي جي ضرورت تي زور ڏنو، ان سلسلي ۾ پاڪستان جي مثبت ڪردار جي تعريف ڪئي. وزيراعظم ايراني صدر جو شڪريو ادا ڪيو ۽ يقين ڏياريو ته پاڪستان خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ ۾ پنهنجو تعميري ڪردار جاري رکندو.

تهران(ع آ نيوز) ايراني صدر مسعود پازشڪيان سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ذريعي خليج تعاون ڪائونسل پاران آمريڪا کي ڪيل هن مطالبي تي سخت رد عمل ظاهر ڪيو آهي. ايراني صدر خطي جي پاڙيسري ملڪن کي سخت پيغام ڏنو آهي، خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن توهان ترقي ۽ سلامتي چاهيو ٿا ته پنهنجي زمين کي دشمنن پاران جنگ ۾ ايران خلاف استعمال نه ٿيڻ ڏيو. صدر مسعود پزشڪيان وڌيڪ چيو ته هو جارحيت تي يقين نٿو رکي، پر جيڪڏهن ايران جي بنيادي ڍانچي يا اقتصادي مرڪزن کي توهان جي زمين تان نشانو بڻايو ويو ته مڪمل ۽ مضبوط جواب ڏنو ويندو. ياد رکڻ گهرجي ته 28 فيبروري تي آمريڪا ۽ اسرائيل ايران تي حملو ڪيو، جنهن ۾ آيت الله خامنه اي، وزير دفاع، آرمي چيف، انقلابي گارڊ، قومي سلامتي صلاحڪار ۽ آرمي چيف شهيد ٿيا. هن حملي کان پوءِ، اسرائيل ۽ آمريڪا ايران تي حملو جاري رکيو آهي، جنهن ۾ اهم فوجي ۽ سياسي شخصيتن کي نشانو بڻايو ويو. ڪيترائي شهري پڻ مارجي ويا ۽ انفراسٽرڪچر کي سخت نقصان پهتو. جواب ۾، ايران مسلسل خليج ملڪن ۾ آمريڪي اڏن، فوجي اڏن ۽ مفادن کي نشانو بڻائي رهيو آهي. انهن ۾ تيل ۽ گئس مرڪز شامل آهن ۽ اهو ئي سبب آهي جو خليج تعاون ڪائونسل آمريڪا کان مدد جي درخواست ڪئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.