ڪراچي (رپورٽر) پاڪستان ۾ سون جي قيمتن ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر وڏي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ سون جي قيمت تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، ملڪ ۾ سون في تولو قيمت ۾ 4 هزار 800 رپين جو واڌارو ٿيو آهي، جنهن کانپوءِ في تولو سون 4 لک 72 هزار 62 رپين جو ٿي ويو آهي. اهڙي ريت 10 گرام سون جي قيمت ۾ به 4 هزار 116 رپين جي واڌ ٿي آهي، جنهن کانپوءِ ان جي نئين قيمت 4 لک 4 هزار 717 رپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
لاهور اسپتال وڊيو ڪيس: ايم ايس ۽ ايڇ او ڊي سميت سمورو عملو معطل
لاهور (بيورو) لاهور جي ليڊي ولنگڊن اسپتال جي آپريشن ٿيٽر ۾ مريضن جي سرجري دوران وڊيو ٺاهڻ واري معاملي تي پنجاب حڪومت سخت ايڪشن وٺندي اسپتال جي ايم ايس ۽ هيڊ آف ڊپارٽمينٽ سميت ڪيترن ئي ڊاڪٽرن ۽ نرسن کي معطل ڪري ڇڏيو آهي. سيڪريٽري اسپيشلائيزڊ هيلٿ ڪيئر پاران جاري ڪيل حڪمن موجب ايم ايس ڊاڪٽر فرح انعام ۽ گائني ڊپارٽمينٽ جي سربراهه ڊاڪٽر عظميٰ کي فوري طور معطل ڪري کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته سوشل ميڊيا تي هڪ وڊيو وائرل ٿي هئي جنهن ۾ ڊاڪٽرن کي آپريشن ٿيٽر اندر ٻن مختلف سرجرين دوران هڪ ٻئي سان مقابلو ڪندي ۽ کٽڻ جي خوشي ۾ وڪٽري نشان ٺاهيندي ڏيکاريو ويو هو. حڪومت ان عمل کي طبي اخلاقيات جي سخت ڀڃڪڙي ۽ مريضن جي رازداري تي حملو قرار ڏنو آهي. ڪارروائي جي نتيجي ۾ وومن ميڊيڪل آفيسر اقرا حفيظ، چارج نرس اقرا زاهد، فوزيا رشيد ۽ اسٽاف ميمبر حبيب الرئوف کي به معطل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 4 ڊاڪٽرن جي پوسٽ گريجوئيٽ ٽريننگ پڻ روڪي وئي آهي. مجاز اختيارين هن واقعي کي سرڪاري ذميوارين ۾ غفلت جو سنگين مثال قرار ڏيندي ملوث عملي خلاف وڌيڪ انڪوائري جو حڪم پڻ ڏئي ڇڏيو آهي.