لاهور(معظم فخر)طاقت جي غرور ۾ ايتري آمريڪا ڪنهن کي به پنهنجي سامهون بيهڻ يا اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيندو هو، جنهن بابت دنيا ڪڏهن تصور به نه ڪيو هو، اهو ئي آمريڪا هاڻي گوڏن تي اچي ويو آهي۔آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون هلن پيون، ۽ انهن ۾ پاڪستان ٽياڪڙ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي۔آمريڪا 15 نقطن تي ٻڌل مطالبن جو چارٽر ايران کي ڏئي ڇڏيو آهي ايران جا 6شرط غير رسمي طور سامهون آياآهن انهن ۾ سڀ کان اهم شرط وچ اوڀر مان آمريڪي فوجي اڏن جو خاتمو آهي هاڻي دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته آمريڪا وچ اوڀر ۾ پنهنجا 13 فوجي اڏا بند ڪري ڇڏيا فوجين کي فائيو اسٽار هوٽلن ۾ منتقل ڪيو ويو نيويارڪ ٽائمز جي رپورٽ مطابق ايران جي حملن ۾ آمريڪا کي 8 ارب ڊالر نقصان ٿيو ڪيترائي فوجي اڏا تباهه ٿي ويا هاڻي اهم سوال اهو آهي ته ڇا خليجي ملڪ خوش آهن؟ڇو ته اهي آمريڪا کي سيڪيورٽي لاءِ اربين ڊالر ڏين ٿا جيڪڏهن ناراضگي آهي ته ان جو ردعمل سامهون اچي سگهي ٿو،وزيراعظم شهبازشريف ايران جي صدر سان فون تي ڳالهه ڪئي۔ڳالهه ٻولهه هڪ ڪلاڪ جاري رهي علائقائي صورتحال ۽ امن تي بحث ٿيو وزيراعظم اسرائيل جي حملن جي مذمت ڪئي ايران سان يڪجهتي ظاهر ڪئي پاڪستان، ترڪي، سعودي عرب، مصر گڏجي امن لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهن جڏهن ته آمريڪي فوجي طاقت کي نقصان آمريڪي وڏي سامونڊي جهاز يو ايس ايس ابراهيم لنڪن تي حملو ٿيو،دعويٰ ڪئي ته 100ميزائل فائر ٿيا سڀ انٽرسپٽ ڪيا ويا پر ماهرن موجب اهو عملي طور ممڪن ناهي،آمريڪا جو پٺتي هٽڻ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته يو ايس ايس جيرالڊ آر فورڊ ۽ يو ايس ايس ابراهم لنڪنوار زون مان هٽايا وياان کي آمريڪا جي ڪمزوري سمجهيو پيو وڃي ،ٻئي پاسي نار جي ملڪن مطالبو ڪيو آهي ته اسان کي اڪيلو نه ڇڏيو،ٽرمپ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان بابت تڪراري بيان ڏنا۔ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته نار جا ملڪ رڳو مالي ذريعو سمجهيا وڃن ٿا نار جا ملڪ هاڻي سوچ ۾ آهن ته ڇا آمريڪا تي ڀروسو جاري رکجي؟ يا پنهنجو دفاعي نظام ٺاهجي؟جڏهن ته هن وقت ايران مضبوط بيٺو آهي آمريڪا دٻاءُ هيٺ آهي ڳالهيون جاري آهن ۽ لڳي ٿو ته طاقت جو توازن تبديل ٿي رهيو آهي