چيني ٽيڪنالاجي ۽ ايران جي جذبي آمريڪي ۽ اسرائيلي غرور جو بت ٽوڙي ڇڏيو

اسلام آباد(امتياز گل)آمريڪا ۽ اسرائيل ايران خلاف جيڪا جارحيت ڪئي آهي، ان کي هاڻي چار هفتا ٿي چڪا آهن ۽ جنگ پنجين هفتي ۾ داخل ٿي وئي آهي، في الحال ٽرمپ 6 اپريل تائين ايران جي تنصيبات تي حملا روڪڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته ڳالهيون جاري آهن ۽ سٺيون هلي رهيون آهن۔ اهو واضح ناهي ته اهو رڳو هڪ پردو آهي ڪنهن وڏي حملي لاءِ يا واقعي ڳالهيون اڳتي وڌي رهيون آهن،هن سموري صورتحال ۾ هڪ اهم ڳالهه سامهون آئي آهي ته ايران نارجي  ملڪن ۽ آمريڪا وچ ۾ موجود علائقائي دفاعي اتحاد کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي،ان سان گڏ اسرائيلي فوج جي “ناقابلِ شڪست” هجڻ جو تصور به ٽوڙي ڇڏيو آهي۔ايران ثابت ڪيو آهي ته جيڪڏهن ڪنهن ملڪ وٽ مضبوط ارادو، خود اعتمادي ۽ آزادي برقرار رکڻ جو عزم هجي ته اهو اڪيلي سر به خارجي جارحيت جو مقابلو ڪري سگهي ٿو۔هاڻي سوال اهو آهي ته ايران جي مزاحمت ۾ سڀ کان وڏو ڪردار ڪنهن جو آهي؟ڇا صرف قومي جذبو؟يا چين ۽ روس جي مدد، خاص طور چيني ٽيڪنالاجي؟ سيمي ڪنڊڪٽر مينوفيڪچرنگ انٽرنيشنل ڪارپوريشن چين جي وڏي سيميڪنڊڪٽر ڪمپني آهي، جنهن ايران کي چپ ٺاهڻ جا اوزار ۽ ٽيڪنيڪل تربيت فراهم ڪئي۔مارچ 2025 جي لڳ ڀڳ:ايران کي چپ ٺاهڻ جا آلات مليا ۽ ممڪن آهي ته تربيت به ڏني وئي،بائي ڊئوچيني سيٽلائيٽ نظام ايران کي نيويگيشن سروس ڏئي رهيو آهي۔هن ٽيڪنالاجي سبب ايران پاڻ چپس ٺاهڻ جي قابل ٿيو پابندين جو اثر گهٽ ٿيو انفراسٽرڪچر هڪ دفعو مضبوط ٿي وڃي ته ان کي تباهه ڪرڻ مشڪل هوندو آهي۔ايران جا ميزائل چيني فيول تي هلن ٿا سيٽلائيٽ ذريعي گائيڊ ٿين ٿا هي هڪ مڪمل مربوط نظام آهي،رائٽرز مطابق چيني چپ ٽيڪنالاجي ايران جي ميزائل ۽ ڊرون نظام  کي اپگريڊ ڪيو هي ظاهر ڪري ٿو ته:هي رڳو عارضي مدد نه،پر مڪمل فوجي سپلائي چين آهي۔هاڻي ايران وٽ هزارين ميزائل هزارين ڊرون موجود آهن، ۽ ڪافي ذخيرا اڃا به موجود آهن۔ايران جي طاقت جا سبب اهي آهن ته 16 لک اسڪوائر ڪلوميٽر تي وڏو ملڪ  آهي،اعليٰ تعليم وڏي تعداد ۾ پي ايڇ ڊي هولڊرز چين ايران کي نئون ٽيڪنالاجي پليٽ ارم ڏنو،جي پي ايس تي انحصار ختم ڪيو۽ هاڻي هي لاڳاپو صرف هٿيارن تائين محدود ناهي،پر هڪ اسٽريٽجڪ اتحاد بڻجي ويو آهي. ايران آمريڪا ۽ اسرائيل جو مقابلو ڪري رهيو آهي جنگي صورتحال ۾ پاڻ کي برقرار رکيو آهي ۽ لڳي ٿو ته جنگ بندي جا ڪارڊ ايران وٽ آهن اهو ممڪن آهي ته ٽرمپ ڪنهن وڏي حملي کان پوءِ فتح جو اعلان ڪري ڇڏي۔پر في الحال چين جي مدد سان ايران پنهنجي بقا جي جنگ مضبوطي سان وڙهي رهيو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.