وڏي وزير جي تبديلي جا افواهه،سنڌ حڪومت جي ترجمان جي ترديد

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي تبديلي بابت  خبرون؟پ پ بابت خبرون گردش ۾ آهن ته هڪ اهم مشاورتي اجلاس ۾ سنڌ جي صوبائي وزيرن جي ڪارڪردگي تي گرما گرمي ٿي، جڏهن ته اها به دعويٰ ڪئي پئي  وڃي ته وڏي وزير مراد علي شاهه جي جاءِ تي ناصر حسين شاهه کي نئون وڏو وزير بڻايو پيو وڃي،اجلاس دوران پارليامينٽ ۾ ٻين سياسي پارٽين سان سهڪار ۽ قانون سازي جي عمل ۾ پيپلز پارٽي جي ڪردار تي به بحث ڪيو ويو،بلاول  ڀٽو زرداري  پارٽي عهديدارن کي هدايت ڪئي ته هو نچلي سطح تي تنظيم سازي مڪمل ڪن ۽ ايندڙ وقت لاءِ عوامي رابطا مهم تيز ڪن۔هن اجلاس جو بنيادي مقصد پارٽي جي اندروني اتحاد کي برقرار رکڻ ۽ وفاقي حڪومت ۾ پنهنجي سياسي اثر کي مؤثر طريقي سان استعمال ڪرڻ هو۔ قيادت زور ڏنو ته پيپلز پارٽي جمهوريت جي استحڪام ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ پنهنجو فعال ڪردار جاري رکي،ذريعن موجب انهن افواهن جا ڪجهه سبب ٿي سگهن ٿا پارٽي اندر هڪ حلقو نون چهرن جهڙوڪ ناصر حسين شاهه يا شرجيل ميمڻ کي وڏي وزير طور ڏسڻ چاهي ٿو وفاقي سطح تي ايم ڪيو ايم ۽ پيپلز پارٽي وچ ۾ مڪاني حڪومت جي ترميمن تي اختلاف موجود آهن انهن اختلافن سبب اهو تاثر پيدا ٿيو آهي ته شايد انتظامي تبديلي ذريعي ڪو وچولو حل ڳوليو وڃي،افواهه آهن ته صدر آصف علي زرداري مراد علي شاهه کان خوش ناهي،سينيئر صحافي رفعت سعيد موجب سوشل ميڊيا تي هر ماڻهو آزاد آهي، پر گردش ڪندڙ خبرن ۾ ڪا حقيقت ناهي۔ هن چيو ته صدر آصف علي زرداري وڏي وزيرمراد علي شاهه  کان مطمئن آهي، جڏهن ته بلاول ڀٽو زرداري ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي ڪارڪردگي کان خوش آهي سينيئر صحافي حميد سومرو جو چوڻ آهي ته هي اهي ئي خواب آهن جيڪي مراد علي شاهه جي وڏي وزير ٿيڻ وقت به ڏٺا ويا هئا۔ هن چيو ته ايئن ممڪن ناهي ته صدر آصف علي زرداري يا بلاول ڀٽو زرداري جي موجودگي ۾ پارٽي ميمبر پاڻ ۾ ٽڪراءَ ۾ اچي وڃن۔سينيئر صحافي وقاص باقر موجب سوشل ميڊيا تي اهي خبرون آهن ته پارٽي سنڌ ۾ حڪمراني بهتر ڪرڻ لاءِ تبديلي آڻڻ چاهي ٿي، پر حقيقت ۾ ائين ناهي،پيپلز پارٽي جي تازي اجلاس ۾صدر آصف علي زرداري  ۽بلاول ڀٽو زرداري  وڏي وزير مراد علي شاهه تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو هو ۽ ڪنهن به تبديلي جي خبرن کي رد ڪيو هو،ساڳئي طرح ناصر حسين شاهه  به واضح ڪيو آهي ته مراد علي شاهه پنهنجو مدو مڪمل ڪندو جڏهن ته ڪراچي جي ميئر مرتضيٰ وهاب کي اپوزيشن طرفان تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو آهي، ۽ پارٽي اندر به ڪجهه حلقن ۾ انتظامي معاملن تي مشاورت جون خبرون آهن۔ذريعن موجب اجلاس ۾ ڪراچي جي ترقياتي منصوبن ۽ بلدياتي مسئلن تي تفصيلي ڳالهيون ٿيون۔ جيتوڻيڪ ميئر جي تبديلي بابت ڪو حتمي فيصلو ناهي ٿيو، پر قيادت واضح ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ نتيجا ڏيکارڻ ضروري آهن۔في الحال مرتضيٰ وهاب به پنهنجي عهدي تي برقرار آهي ٻئي پاسي صحافي عمار مسعود پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه کي تبديل ڪرڻ تي غور ٿي رهيو آهي،ناصر حسين شاهه ۽ شرجيل ميمڻ جا نالا امڪاني وڏي وزير طور سامهون اچي رهيا آهن، چيو پيو وڃي ته گورننس تي پريشر وڌي ويو آهي،ڪراچي جي حالتن تي سخت تنقيد آهي ،صدر آصف علي زرداري طرفان به تبديلي جو دٻاءُ ٻڌايو پيو وڃي، اهو به اطلاع آهي ته فريال ٽالپر صدر آصف علي زرداري کي چيو آهي ته مراد علي شاهه جو في الحال ڪو متبادل ناهي،ان کي جاري رکيو وڃي جڏهن ته ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته مراد علي شاهه ئي بهتر آهي۔ممڪن آهي ته ويجهي وقت ۾ فيصلو ڪيو وڃي۔

 

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)سنڌ حڪومت جي ترجمان مصطفيٰ بلوچ  سنڌ جي وڏي وزير جي تبديلي جي سوشل ميڊيا تي هلندڙ خبرن  جي ترديد ڪندي چيو آهي ته  اهي سڀ افواهه بي بنياد آهن،هن چيو ته مراد علي شاهه هن وقت وڏو وزير آهي ۽ جيستائين پارٽي چاهي ٿي، هو پنهنجي عهدي تي رهندو۔ هن وڌيڪ چيو ته پارٽي قيادت سندس ڪارڪردگي کان مطمئن آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.