وفاقي حڪومت بچت منصوبي لاءِ صوبن کان 154 ارب رپيا گهري ورتا

اسلام آباد (بيورو) وفاقي حڪومت پاران عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ موٽر سائيڪل ۽ رڪشن کي پيٽرول تي سبسڊي ڏيڻ جي تجويز تي غور ڪيو پيو وڃي. ذريعن موجب، مخصوص واهپيدارن کي هر مهيني  20 کان 30 ليٽر تائين سستو پيٽرول فراهم ڪرڻ جو پلان تيار ڪيو ويو آهي، جنهن لاءِ ڪيو آر ڪوڊ استعمال ڪيو ويندو. هن اهم منصوبي جو اعلان جلد ٿيڻو آهي. ٻئي طرف، ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي صدارت هيٺ ٿيل مشاورتي اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته ملڪ ۾ تيل جو ذخيرو 10 مئي تائين ڪافي آهي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تبديلي بابت حتمي فيصلو ايندڙ هفتي صدر، وزيراعظم ۽ چئن ئي صوبن جي وڏن وزيرن جي اهم ملاقات ۾ ڪيو ويندو. وفاقي حڪومت ڪفايت شعاري منصوبي تي عملدرآمد لاءِ صوبن کان 154 ارب رپين جي گهر به ڪري ورتي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.