آمريڪا ۽ لنڊن ۾ جنگي پاليسين ۽ آمريت خلاف عوامي سمنڊ اٿلي پيو

لنڊن/واشنگٽن (عوامي  آواز رپورٽ) دنيا جي ٻن وڏن ملڪن برطانيا ۽ آمريڪا ۾ انتهاپسندي ۽ آمريت پسند پاليسين خلاف عوامي سمنڊ سڙڪن تي اچي ويو آهي. لنڊن ۾ مقامي چونڊن کان ڪجهه هفتا اڳ  50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن انتهاپسند ساڄي ڌر خلاف مارچ ڪري اهو پيغام ڏنو آهي ته هو نسل پرستي جي سياست کي قبول نه ڪندا. هن مارچ ۾ مزدور يونينز، انساني حقن جي تنظيمن ۽ مسلمان برادري جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. ٻئي طرف آمريڪا ۾ ”نو ڪنگز ڊي“ جي موقعي تي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خلاف لکين ماڻهو سڄي ملڪ ۾ احتجاج ڪيو. جنوري 2025 ۾ ٻيهر صدارت سنڀالڻ بعد ٽرمپ جي مقبوليت تيزي سان ڪري پئي آهي. مظاهرين جو الزام آهي ته ٽرمپ انتظاميا ملڪ کي جنگين ۾ ڌڪي رهي آهي ۽ شهري حقن کي پامال ڪيو پيو وڃي. مِنيسوٽا ۾ وفاقي اهلڪارن جي فائرنگ ۾ مارجي ويل شهرين جي واقعي هن تحريڪ ۾ وڌيڪ شدت پيدا ڪري ڇڏي آهي، جتي فنڪار ۽ گلوڪار به عوام سان گڏ احتجاج ۾ شامل آهن. هنن احتجاجن جا اثر ايندڙ چونڊن تي پوڻ جو پڻ وڏو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.