اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)پاڪستان جي سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻي سينيٽر مشاهد حسين سيد اسرائيل جي اڳوڻي قومي سلامتي صلاحڪار ياڪور اميدرور کي صاف ۽ بيباڪ جواب ڏيندي چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران تي حملا دراصل “گريٽر اسرائيل” منصوبي جو حصو آهن۔ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا وچ ۾ جاري جنگ بابت هڪ عرب ٽي وي پروگرام ۾ مشهور پاڪستاني صحافي ۽ سياستدان مشاهد حسين سيد ۽ اسرائيلي قومي سلامتي جي اڳوڻي صلاحڪار وچ ۾ سخت بحث ٿيومشاهد حسين چيو ته آمريڪا ۽ اسرائيل جا ايران تي حملا “گريٽر اسرائيل” منصوبي جو حصو آهن، ۽ هن جنگ ۾ ايران کي برتري حاصل آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته اها نيتن ياهو جي جنگ آهي، جنهن ۾ هن ٽرمپ کي به گهلي آندو آهي، ۽ هو مضبوط ضمانتون حاصل ڪرڻ چاهي ٿو۔ هن جو چوڻ هو ته حقيقي حالتون اهي آهن جيڪي نه ٽرمپ ۽ نه ئي نيتن ياهو اڳ ۾ سوچيون هيون۔هن وڌيڪ چيو ته ٽرمپ ۽ نيتن ياهو شايد اهو به نه سوچيو هوندو ته ايران چوٿين هفتي تائين به مڪمل طاقت سان مقابلو جاري رکندو ۽ آبناءِ هرمز کي اهڙي ڪاميابي سان بند رکندو۔مشاهد حسين سيد وڌيڪ چيو ته اسرائيل ۽ آمريڪا جو منصوبو مڪمل طور ناڪام ٿي چڪو آهي، ۽ هاڻي صدر ٽرمپ امن لاءِ مجبور ٿي درخواستون ڪري رهيو آهي۔پروگرام ۾ شامل اسرائيلي اڳوڻي قومي سلامتي صلاحڪار چيو ته اسرائيل ۾ حالتون معمول موجب آهن ۽ توقع کان گهٽ انٽرسپٽر استعمال ڪيا ويا آهن۔ان تي مشاهد حسين سوال ڪيو ته “آئرن ڊوم” جو ڇا ٿيو؟ جنهن کي ناقابلِ شڪست سمجهيو ويندو هو۔ ان تي اسرائيلي صلاحڪار جواب ڏنو ته آئرن ڊوم سٺو ڪم ڪري رهيو آهي ۽ 90 سيڪڙو حملن کي روڪيو آهي، پر پوءِ پاڻ ئي تسليم ڪيو ته گهڻا حملا آئرن ڊوم نه پرايرو ٿري نظام ذريعي روڪيا ويا۔