ايرانين پاران ايف بي آءِ ڊائريڪٽر جو اي ميل اڪائونٽ هيڪ، اهم دستاويز ليڪ

تهران (م ڊ) ايراني هيڪرز ايف بي آءِ ڊائريڪٽر جو اي ميل هيڪ ڪري ورتو. پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ايران سان لاڳاپيل هيڪرز دعويٰ ڪئي آهي ته هنن ايف بي آءِ جي ڊائريڪٽر ڪاش پٽيل جي ذاتي اي ميل  ان باڪس تائين پهچ حاصل ڪري ورتي آهي. رپورٽ موجب، هيڪرن ثبوت طور ڊائريڪٽر جون تصويرون ۽ ٻيا دستاويز انٽرنيٽ تي جاري ڪري ڇڏيا آهن.

صرف جنگ بندي ڪافي ناهي، ايران جي جنگي صلاحيتن کي محدود ڪيو: نار جا ملڪ

ابوظهبي( ع آ نيوز) وچ اوڀر ۾ جاري تڪرار جي تناظر ۾، نار جي ملڪن آمريڪا کي واضح پيغام ڏنو آهي، صرف عارضي جنگ بندي کي ڪافي نه قرار ڏنو آهي. ميڊيا رپورٽن موجب، هي بيان خليجي تعاون ڪائونسل کان آيو آهي. نار جي ملڪن آمريڪا کان مطالبو ڪيو آهي ته علائقي  کي صرف عارضي جنگ بندي جي ضرورت ناهي، پر ايراني ڊرون ۽ ميزائل صلاحيتن جي امڪاني خطرن کان دفاعي تعاون ۽ تحفظ جي به ضرورت آهي. ڪائونسل وڌيڪ چيو ته علائقي کي علائقائي سلامتي جي ضمانت جي ضرورت آهي. امارات پاليسي سينٽر جي صدر ابتسام الڪربي چيو ته اصل چئلينج ايران کي جنگ بند ڪرڻ لاءِ قائل ڪرڻ نه آهي، پر ايران مان ايندڙ خطرن کان علائقي کي پائيدار تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. آمريڪا ۾ متحده عرب امارات جي سفير يوسف العطيبه پڻ جنگ بندي کي هڪ امتحان طور پيش ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن ايراني صلاحيتن کي مڪمل طور تي ختم نه ڪيو ويو يا پابندين هيٺ نه آندو ويو ته ايران جنگ بندي کان پوءِ به عالمي معيشت کي يرغمال بڻائي سگهي ٿو. خليج تعاون ڪائونسل جي آمريڪا کان مطالبن ۾ ايران جي پراڪسي جنگين جو خاتمو شامل آهي، جهڙوڪ يمن ۽ غزه ۾ هٿياربند ڌڙا. ڪائونسل وڌيڪ فعال سفارتڪاري جو به مطالبو ڪيو، چيو ته صرف بيانن جي بدران عملي قدمن جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.