پيرجوڳوٺ (ن ع آ) پيرجوڳوٺ لڳ گذريل 35 سالن کان ڪلهوڙا ۽ ناريجا برادري وچ ۾ هلندڙ ڀيانڪ خوني تڪرار جو نبيرو حرن جي روحاني پيشوا پير صاحب پاڳاري جي هدايتن تي درگاهه فيصلا ڪاميٽي ۾ ٿي گذريو. فيصلي جي سرپئنچي سعيد خان نظاماڻي، سردار محمد خان جوڻيجو، غوث بخش خان مهر ۽ اڳوڻي وفاقي وزير مير عابد خان ڀيو ڪئي. فيصلي دوران ٻنهي ڌرين جا بيان ٻڌڻ بعد فتوا تيار ڪئي وئي، جنهن موجب ناريجا ڌر مٿان ڪلهوڙا برادري جا 28 خون ثابت ٿيا، جنهن جو ڏنڊ 8 ڪروڙ رپيا مقرر ڪيو ويو. جڏهن ته ڪلهوڙا ڌر مٿان ناريجا برادري جا 20 خون ثابت ٿيڻ تي 5 ڪروڙ رپيا ڏنڊ رکيو ويو. مجموعي طور تي 13 ڪروڙ رپيا ڏنڊ مقرر ڪري ٻنهي ڌرين کي کير کنڊ ڪيو ويو، جڏهن ته زخمين ۽ ٻين مالي نقصانن جو فيصلو ايندڙ مرحلي ۾ ڪيو ويندو. ياد رهي ته هي تڪرار 1990ع ۾ معمولي ڳالهه تان شروع ٿيو هو، جنهن ۾ 50 جي لڳ ڀڳ انساني جانيون ضايع ٿيون ۽ علائقي جي زراعت توڙي ڪاروبار کي ڪاپاري ڌڪ لڳو. نبيري ۾ ايم پي اي سيد محمد راشد شاهه، سردار حسين بخش ناريجو، معظم عباسي، قومپرست اڳواڻ رياض چانڊيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي. فيصلي بعد علائقي ۾ خوشي جي لهر پکڙجي وئي آهي ۽ شهرين امن جي واپسي تي اطمينان جو اظهار ڪيو آهي.