ڪراچي ( رپورٽر ) سنڌ حڪومت امتحانن ۾ ڪاپي کي روڪڻ لاءِ جديد واٽر مارڪنگ سسٽم نافذ ڪرڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو، جنهن سان پيپر آؤٽ ڪندڙن جو فوري پتو لڳائي سگهجي ٿو.صوبائي وزير جامعات ۽ تعليمي بورڊز اسماعيل راھو جي صدارت هيٺ سنڌ ڀر ۾ نئين تعليمي سال جي امتحانن جي تيارين بابت اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سنڌ جي سڀني تعليمي بورڊز جا چيئرمينز شرڪت ڪئي.اجلاس ۾ امتحاني مرڪزن جي سيڪيورٽي، فرنيچر، پيئڻ جي پاڻي ۽ نقل جي روڪٿام سميت ٻين سهولتن جي فراهمي ۽ بجلي ۽ ٻين بنيادي مسئلن جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. امتحاني مواد جي خريداري، ٽينڊرز ۽ بجيٽ جي صورتحال تي پڻ بريفنگ ڏني وئي۔ صوبائي وزير اسماعيل راھو چيو ته موجوده حالتن جي پيش نظر سنڌ ڀر ۾ امتحان پنهنجن مقرر ٿيل تاريخن تي ئي ٿيندا. ايندڙ مهيني 7 اپريل کان نائين کان ٻارهين جماعت تائين 13 لک 53 هزار 258 شاگردن امتحانن ۾ حصو وٺندا. سنڌ ڀر ۾ 1,600 کان وڌيڪ امتحاني مرڪز قائم ڪيا ويا آهن۔ وزير تعليمي بورڊز ٻڌايو ته ڪراچي ۾ 11هين ۽ 12هين جماعت جا امتحان 25 اپريل تي شروع ٿيندا، جڏهن ته نوين کان ڏهين جماعت جا امتحان 7 اپريل کان ٿيندا. سکر ڊويزن ۾ نائين کان ڏهين جماعت جا امتحان 30 مارچ کان، ۽ 11هين کان بارہين جماعت جا امتحان 15 اپريل کان شروع ٿيندا. امتحاني مرڪزن ۽ ويجليئنس ٽيمز جي نگراني لاءِ صوبائي سطح تي سيڪريٽري بورڊز جي دفتر ۾ شڪايتن لاءِ سيل قائم ڪيو ويندو۔اسماعيل راھو هدايت ڏني ته امتحانن جي شفاف ۽ بروقت انعقاد لاءِ سڀ وسيلا ڪتب آندا ويندا. جيڪڏهن ڪٿي به پيپر ليڪ ٿئي ته بورڊز جي چيئرمينز خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي۔ سکر ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزن جا سڀ امتحان اي مارڪنگ تحت ورتا ويندا، لاڙڪاڻي بورڊ نوين کان بارہين جماعت تائين في الحال 8 پيپر اي مارڪنگ تحت وٺندو، جڏهن ته ڪراچي ۾ نائين جا سڀئي ۽ ميٽرڪ جا صرف 2 پيپر اي مارڪنگ ذريعي ورتا ويندا۔ وزير تعليمي بورڊز چيو ته سڀني امتحاني مرڪزن ۾ پيئڻ جو پاڻي، فرنيچر ۽ ٻين سهولتن جا مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن. متعلقہ ادارن کي امتحاني مرڪزن ۾ لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ لاءِ خطوط موڪليا ويندا. سڀني امتحاني سينٽرز ۾ موبائل فون آڻڻ تي پابندي ۽ 144 نافذ ڪئي ويندي۔