قمبر (رپورٽر) قمبر جي شهيد فتح حيات ميڪڻ ٿاڻي جي حد واري ڳوٺ مولاداد خاصخيلي ۾ ڪارنهن جي الزام ۾ هڪ نوجوان ڀيڻ کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي. رپورٽن موجب، جوابدار اڪرم عرف عاجز خاصخيلي پنهنجي 18 ورهين جي ڀيڻ عابده تي ڪارنهن جو الزام هڻي مٿس بندوق جا فائر ڪيا، جنهن جي نتيجي ۾ ناري ٿڏي تي ئي مارجي وئي. واردات کانپوءِ جوابدار فرار ٿيڻ بدران سڌو ٿاڻي تي پهتو ۽ پوليس کي گرفتاري ڏئي ڇڏي. حد جي پوليس اطلاع ملڻ تي واقعي واري هنڌ پهچي ناري جو مڙهه قمبر اسپتال منتقل ڪيو، جتي ضروري قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو. هن وقت علائقي ۾ سخت ڏهڪاءُ واري صورتحال آهي ۽ وارثن ۾ ماتم مڇيل آهي. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڏني آهي.