پشين ۾ سڱاوتي تڪرار تان گهر تي حملو، پيءُ، ڌيءُ ۽ ڀائٽيو قتل

ڪوئٽا (م ڊ) پشين جي علائقي يارو ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن هڪ گهر تي حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن  جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جا ٽي ڄڻا قتل ٿي ويا آهن. تفصيل موجب، جوابدارن گهر ۾ گهڙي محمد نسيم، سندس جوان ڌيءُ مسمات (س) ۽ ڀائٽي شهريار کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ ٽئي ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته گهر جي مالڪياڻي مسمات (م) سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي ڊسٽرڪٽ ٽيچنگ اسپتال پشين منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي کانپوءِ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، جنهن تي مقتولن جي وارثن سخت ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي رات دير سان لاشن سميت يارو جي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو. احتجاج ڪندڙن پوليس تي الزام مڙهيندي چيو ته کين رشتي جي تڪرار بابت اڳ ۾ ئي آگاهه ڪيو ويو هو، پر پوليس جي نااهلي ۽ غفلت سبب ايڏو وڏو واقعو پيش آيو آهي. وارثن جو مطالبو آهي ته جيستائين قاتلن کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي، تيستائين احتجاج جاري رهندو. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ٽيمون جوڙيون ويون آهن ۽ جلد کين قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.