شڪارپور ۾ نوجوان کي رسن سان ٻڌي زندهه ساڙيو ويو

شڪارپور (رپورٽ زاھد سنجراڻي) شڪارپور  ۾ ظلم جي انتها وحشي صفت جوابدارن نامعلوم  نوجوان کي رسن سان  ھٿ پير ٻڌي پلال جي کري ۾ رکي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو باھ جي شعلن تي ڳوٺاڻن پھچي پلال کي لڳل باھ وسائي جتي نوجوان جا ھٿ پير ٻڌل ھئا لاش مڪمل سڙيل ھو نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي واقعي جي اطلاع تي نيو فوجداري پوليس پھچي ساڙيل نوجوان جو لاش اسپتال منتقل ڪيو واقعي جي جاچ ھلندڙ تفصيل موجب نيو فوجداري ٿاڻي جي حد ڳوٺ پير بخش لھر ويجھو زمين ۾ رکيل پلال جي کوڙ  ۾ نامعلوم وحشي جوابدارن نوجوان کي رسن سان ٻڌي پلال ۾ پوري پلال کي باھ ڏئي فرار ٿي ويا باھ سبب نوجوان مڪمل سڙي ويو آھي جڏھن تہ باھ جي شعلن کي ڏسي مقامي ڳوٺاڻن پھنجي مدد پاڻ تحت باھ وسائي  جتي نوجوان سڙيل حالت ۾ مليو واقعي جي اطلاع تي نيو فوجداري پوليس پھچي ڪري ساڙيل نوجوان جو لاش سول اسپتال پھچايو آھي لاش  مڪمل سڙي وڃڻ ڪري نوجوان جي سڃاڻپ نه ٿي سگهي آھي انھي حوالي سان نيو فوجداري پوليس جو چوڻ ھو ته ابتدائي جاچ ۾ معلوم ٿئي ٿو ته کيس پلال ۾ پوري ڪنھن باھ ڏئي آھي تنھن ھوندي بہ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي ھوڏانھن واقعي بعد علاققي ۾خوف حراس پکڙجي ويو آھي فوتي جي سڃاڻپ وحيد پٽ يوسف لھر طور ٿي آھي وارثن فوتي جي سڃاڻپ پھريل چپل مان ڪئي مقتول جي ڀاء نظير لھر چيو ته اسان جي ڪنھن سان دشمني ناھي  شام جو ھي گھران نڪتو ان کان پوء خبر ناھي ته واقعو ڪيئن پيش آيو آهي ھوڏانھن سول اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو .

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.