گل پلازا سانحو ڪميشن پاران روينيو رڪارڊ اڻ پورو هجڻ تي ڳڻتي

ڪراچي (رپورٽر) گل پلازا سانحي بابت قائم ڪيل ڪميشن آڏو سينئر ميمبر بورڊ آف روينيو، خالد حيدر شاهه پيش ٿيو، جتي ڪميشن پاران زمين جي رڪارڊ جي عدم دستيابي ۽ اڻ پوري ڄاڻ تي سخت ڳڻتيءَ جو اظهار ڪيو ويو. سينئر ميمبر رڪارڊ فراهم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ وقت جي درخواست ڪئي، جنهن تي ڪميشن کيس هڪ اپريل تائين جي آخري مهلت ڏئي ڇڏي آهي. ڪميشن تاريخي رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ڪندي بورڊ آف روينيو کان پڇاڻو ڪيو ته 1873ع ۾ ڪراچي ميونسپلٽي کي ۽ 1884ع ۾ ايسٽ انڊيا ڪمپني کي ٽرام وي لاءِ الاٽ ڪيل زمين جو اصل مقصد ڇا هو؟ ڪميشن سوال اٿاريا ته ڇا اها زمين ٽرام وي ايڪٽ 1886ع تحت ڏني وئي هئي ۽ ان وقت ڪراچي ميونسپلٽي ۽ ايسٽ انڊيا ڪمپني وچ ۾ ڪهڙو معاهدو ٿيو هو، ان جون ڪاپيون پيش ڪيون وڃن. ڪميشن وڌيڪ پڇيو ته گورنمينٽ آف انڊيا ايڪٽ 1933ع ۽ بمبئي لينڊ روينيو ڪوڊ 1879ع تحت هن زمين جي قانوني حيثيت ڪهڙي هئي؟ ڇا بورڊ آف روينيو ڪڏهن ان زمين جي استعمال جو اصل گرانٽ جي شرطن مطابق آڊٽ ڪيو آهي؟ ڪميشن کي اها به وضاحت گهربل آهي ته موجوده صورتحال ۾ هي زمين صوبائي حڪومت جي ملڪيت آهي يا ڪي ايم سي وٽ هڪ ٽرسٽ طور موجود آهي. ڪميشن هدايت ڪئي ته سمورو لاڳاپيل رڪارڊ، نقشا ۽ منتقلي جون داخلائون مقرر تاريخ تائين ڪميشن سيڪريٽريٽ ۾ جمع ڪرايون وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.