ميرپورماٿيلي ۾ عورت بي رحميءَ سان قتل، جوابدار ڳلو ۽ ڪن ڪپي سون لاهي ويا

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) ميرپور ٿاڻي جي حد ۾ ڳوٺ خير محمد مھر جي ڀرپاسي وحشي صفت نامعلوم هٿياربندن هڪ پيرسن عورت کي بي دردي سان قتل ڪري، سندس پاتل سون لٽي فرار ٿي ويا آهن. تفصيل موجب مسمات سوني مھر گهر کان ٻاهر ٻنيءَ تي گاهه ڪرڻ لاءِ نڪتي هئي، جتي کيس اڪيلو ڏسي جوابدارن مٿس حملو ڪيو. مقتولا جي وارثن موجب، جوابدارن نه صرف کيس قتل ڪيو پر بي رحميءَ جي انتها ڪندي سندس ڳلو ۽ ڪن ڪپي، ڪنن ۾ پاتل واليون ۽ تقريبن چار تولا سون پڻ لاهي کڻي ويا. گهر واپس نه پهچڻ تي جڏهن وارثن ڳولا ڪئي ته کين سوني مھر جو رت ۾ ٻڏل لاش مليو، جنهنبعد علائقي ۾ ڪهرام مچي ويو. اطلاع ملڻ تي پوليس پهچي لاش کي تحويل ۾ وٺي اسپتال منتقل ڪيو. ايس ايس پي گهوٽڪي جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي ۽ جلد جوابدارن کي قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو. واقعي بعد ميرپور ماٿيلو ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ سخت خوف ۽ حراس پکڙجي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.