پيٽرول پمپ ايسوسيئيشن پاران ملڪ ۾ پمپ بند ڪرڻ جي ڌمڪي، تيل بحران جو خطرو

اسلام آباد (بيورو) آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ مالي مشڪلاتن ۽ پاليسين ۾ اوچتو تبديليءَ خلاف احتجاج ڪندي ملڪ جا هزارين پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي آهي. ايسوسيئيشن پاران جاري ڪيل پڌرنامي ۾ چيو ويو آهي ته پيٽروليم سيڪٽر هن وقت شديد آپريشنل ۽ مالي بحران مان گذري رهيو آهي، پر حڪومت انهن جي خدشن کي نظرانداز ڪري رهي آهي. ايسوسيئيشن جي اختيارين وزيراعظم جي پيٽروليم بابت صلاحڪار/وزير علي پرويز ملڪ کي فوري ملاقات لاءِ مراسلو موڪليو آهي. مراسلي ۾ چيو ويو آهي ته 6 مارچ تي موڪليل پهرين خط جو ڪو به جواب نه ڏنو ويو، جنهن ڪري ملڪ جي 14 کان 15 هزار پيٽرول پمپ مالڪن ۾ سخت بي چيني پکڙيل آهي. ايسوسيئيشن جو مطالبو آهي ته حڪومت پيٽروليم جي قيمتن ۽ پاليسي سازي ۾ اسٽيڪ هولڊرز کي به شامل ڪري. پڌرنامي ۾ خبردار ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن مطالبا مڃيا نه ويا ته ملڪي سطح تي پيٽرول پمپ بند ڪيا ويندا، جنهن جي نتيجي ۾ ملڪ ۾ شديد فيول بحران پيدا ٿي سگهي ٿو. ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته اهڙي ڪنهن به ممڪنه بحران جي سموري ذميواري وزارتِ پيٽروليم تي هوندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.