اسلام آباد(ڊاڪٽر اڪمل سومرو)ايران جنگ ۾ ٽرمپ، مارڪو روبيو ۽ پيٽ هيگسيٿ عالمي معيشت کي سخت نقصان پهچايو آهي. ٽرمپ جي جنگ بندي بابت ڪوڙين دعوائن سبب عالمي اسٽاڪ مارڪيٽ صرف 56 منٽن اندر 300 ارب ڊالر جو نقصان برداشت ڪيو. فرانس، جرمني، اٽلي، برطانيا، ڪينيڊا ۽ جاپان ايران جنگ کي نه صرف غير قانوني پر عالمي قانونن جي سنگين ڀڃڪڙي قرار ڏئي چڪا آهن.لبنان تي اسرائيل جو حملو ۽ ايران خلاف جنگ صيهوني ايجنڊا جو حصو آهي، ۽ آمريڪا هر قدم تي ان جي پويان بيٺو آهي. نائن اليون کان پوءِ آمريڪا دنيا ۾ ٽي وڏيون جنگيون وڙهيون ۽ گهٽ ۾ گهٽ ڏهه ملڪن تي هوائي ۽ زميني حملا ڪيا. انهن جنگين ۾ لڳ ڀڳ 9 لک 40 هزار ماڻهو مارجي ويا، جن ۾ عام شهري، جنگجو، فوجي ۽ ٻيا شامل هئا. صرف افغانستان، عراق، شام ۽ يمن ۾ آمريڪي حملن سبب تقريبن 4 لک 30 هزار مسلمان ماريا ويا. آمريڪا انهن جنگين تي تقريباً 58 کرب ڊالر خرچ ڪيا. هاڻي ايران خلاف جنگ لاءِ پينٽاگون ڪانگريس کان 200 ارب ڊالر گهري چڪو آهي ته جيئن ايران تي وڌيڪ بمباري ڪري سگهجي. آمريڪي معيشت وڏي حد تائين جنگي ڪاروبار تي بيٺل نظر اچي ٿي.لبنان تي اسرائيل جو حملو ۽ ايران خلاف جنگ خود دفاع جي نالي تي نه پئي ڪئي وڃي، پر اها صيهوني ايجنڊا جو حصو آهي، جنهن ۾ آمريڪا مڪمل طور شامل آهي. هي ڪا اوچتي جهڙپ ناهي، پر اهي ئي جنگيون آهن جيڪي اسرائيل ڏهاڪن کان چاهيون ٿي، ۽ آمريڪا انهن کي عملي شڪل ڏيڻ ۾ مدد ڪئي آهي. 1918 ۾ اسرائيل جي اڳوڻي وزيراعظم ڊيوڊ بن گوريان واضح چيو هو ته اسرائيل جون حدون لبنان جي درياءَ تائين هجڻ گهرجن. اڄ ايران جنگ جي شروعاتي هفتي ۾ ئي اهڙا پراڻا خيال ٻيهر سامهون آندا پيا وڃن.هي ڪو اتفاق ناهي، پر هڪ منظم منصوبو آهي. آمريڪا نه صرف اسرائيل کي فوجي ۽ سياسي سهارو ڏئي رهيو آهي، پر عالمي سطح تي ان جي قدمن کي جائز قرار ڏيڻ جي ڪوشش به ڪري رهيو آهي. آمريڪا ايران تي دٻاءُ وڌائي ٿو ۽ صيهوني ايجنڊا کي مضبوط ڪري ٿو. هي صرف لبنان يا ايران جو مسئلو ناهي، پر سڄي وچ اوڀر جي امن لاءِ خطرو آهي.آمريڪي صدر ٽرمپ دنيا کي خاص طور تي آمريڪي پرڏيهي پاليسي کي ڪاروبار جي نظر سان ڏسندو آهي. سندس پاليسي نه اخلاقيات تي ٻڌل آهي نه ڪنهن واضح اصول تي. هو ڌمڪين، ڪوڙن ۽ فريب ذريعي دنيا کي هلائڻ جي ڪوشش ڪندو آهي.ٽرمپ اوچتو دعويٰ ڪئي ته ايران سان جنگ بندي بابت مفيد ڳالهيون ٿيون آهن. هن بيان جو مقصد عالمي معيشت ۽ وڏين ڪمپنين کي سهارو ڏيڻ هو. ان اعلان کان صرف 6 منٽن بعد S&P 500 ۾ 240 پوائنٽس جو اضافو ٿيو ۽ مارڪيٽ ۾ 2 ٽريلين ڊالر واڌ ٿي. پر 27 منٽن بعد ايران ان ڳالهه کي رد ڪري ڇڏيو ته آمريڪا سان ڪا به ڳالهه ٻولهه ٿي رهي آهي، جنهن سان مارڪيٽ ٻيهر ڪري پئي. S&P 500 ۾ 120 پوائنٽس جي گهٽتائي ٿي ۽ هڪ ٽريلين ڊالر نقصان ٿيو. صرف 56 منٽن ۾ 3 ٽريلين ڊالر جي لاٿ ڏٺي وئي، ايران جنگ دوران ٽرمپ به ان سٽي ۾ حصو ورتو. پوءِ ٽرمپ هڪ ٻيو قدم کنيو ۽ ايران سان ڳالهين لاءِ 15 نڪاتي منصوبو پيش ڪيو. حقيقت ۾ اهو منصوبو تقريباً هڪ سال اڳ ئي پيش ڪيو ويو هو، جيڪو اڳ ۾ ئي ايران رد ڪري چڪو هو.جيڪڏهن اهو ئي پراڻو مسودو آهي ته پوءِ يا ته آمريڪا سنجيده ناهي يا ٽرمپ اهو ڏيکارڻ چاهي ٿو ته هن اڳڀرائي وڌيڪ ڪئي آهي. ٽرمپ مارڪيٽ کي تحفظ ڏيڻ لاءِ جنگ بندي جا اعلان ڪري ٿو. ٽرمپ پنج ڏينهن لاءِ ايران جي تنصيبات تي حملا ملتوي ڪيا ته ڏٺو وڃي ته ڇا معاهدو ٿي سگهي ٿو يا نه.موجوده صورتحال ۾ معاملو صرف ايران جي نيوڪليئر پروگرام تائين محدود ناهي رهيو، پر ڪيترن ئي پيچيده مسئلن ۾ تبديل ٿي چڪو آهي.آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن سبب ايران جي قيادت ۽ انفراسٽرڪچر کي نقصان پهتو آهي. ايران جواب ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي ۽ ڪري به رهيو آهي. ايران هن جنگ ۾ سرينڊر ناهي ڪيو.بيڪ ڊور ڊپلوميسي جاري آهي، جنهن جو نتيجو اهو ٿيو ته پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف به ڳالهين جي ميزباني جي آڇ ڪئي آهي. جي-7 ملڪن ۽ آمريڪا ۾ ايران جنگ بابت اختلاف واضح ٿي چڪا آهن. فرانس، جرمني، اٽلي، برطانيا، ڪينيڊا ۽ جاپان هن جنگ کي غير قانوني قرار ڏئي چڪا آهن،نار جا ملڪ جهڙوڪ سعودي عرب، يو اي اي، قطر، ڪويت، بحرين ۽ عمان هن صورتحال مان سخت متاثر ٿي رهيا آهن. انهن ملڪن آمريڪا ۾ وڏي پئماني تي سيڙپڪاري ڪئي آهي، جيڪا گڏجي هڪ ٽريلين ڊالر کان وڌيڪ آهي. ان باوجود انهن کي مڪمل تحفظ حاصل نه ٿي سگهيو.جنگ سبب تيل، گئس، سياحت ۽ معيشت تي وڏو اثر پيو آهي. ڪيترن ملڪن جي معيشت گهٽجڻ جا امڪان آهن، جڏهن ته روس ۽ آمريڪي تيل ڪمپنين کي فائدو ٿي رهيو آهي.حقيقت اها آهي ته آمريڪا بنيادي طور اسرائيل جي مفادن جو تحفظ ڪري ٿو، نه ته عرب ملڪن جو، جيتوڻيڪ اهي ملڪ وڏي سيڙپڪاري ڪن ٿا.ڪويت، قطر ۽ ٻين ملڪن تي به حملا ٿي چڪا آهن، ۽ انهن باوجود آمريڪا انهن جو مڪمل تحفظ نه ڪري سگهيو.اهو واضح ٿئي ٿو ته ايران ۽ اسرائيل جو هي ٽڪراءُ رڳو هڪ جنگ ناهي، پر هڪ وڏي عالمي سياسي، معاشي ۽ اسٽريٽجڪ تبديلي جو حصو آهي، جيڪا مستقبل ۾ وڌيڪ اثر ڇڏيندي.