اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي وزير ۽ سينيٽر رانا ثناالله چيو آهي ته جن مسئلن تي 28هين ترميم اچي سگهي ٿي، اهي مسئلا بنيادي ئي هوندا، فوج سان متعلق ان ۾ ڪجهه به ناهي، آئيني عهدن سان لاڳاپو رکندڙ ڪجهه ماڻهو آهن جيڪي صدارتي نظام کي بهتر سمجهن ٿا پر اڪثريت ان ڳالهه سان متفق آهي ته پاڪستان لاءِ پارليماني جمهوري نظام ئي بهتر آهي.
خانگي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي راناثناالله چيو ته 27 ترميمون ٿي چڪون آهن، هاڻي جيڪا به ترميم هوندي اها 28هين هوندي، ان تي ته ڪو به بحث ناهي ۽ انتظار به 28هين جو آهي پر جن مسئلن تي ترميم ايندي اهي بنيادي نوعيت جا هوندا.
هن چيو ته اين ايف سي، آبادي، پاڻي جي ورڇ ۽ ٻيا اهڙا معاملا بحث جو حصو هوندا آهن ۽ ان تي مختلف پاسن کان ڳالهه ٻولهه رهندي آهي.
سينيٽر چيو ته ووٽر جي عمر وڌائڻ واري تجويز تي به غور ڪيو ٿو وڃي، ان جو ڪارڻ اهو آهي ته جيئن اليڪشن وڙهڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر 25 آهي ته ووٽ ڏيڻ جي ذميوراي به اهم آهي، پيپلز پارٽي ناراض ناهي، بلاول ڀٽو درست چئي ٿو ته انهن جي بنا ترميم ممڪن ناهي، جڏهن به جنهن به ڳالهه تي اتفاق ٿيندو ته ان جو مطلب اها 28هين ترميم هوندي ۽ اها به ڳالهه پنهنجي جاءِ تي درست آهي ته ڪجهه معاملن تي جلد فيصلا وٺڻا هوندا.