فلم ”مين هون نا“ جي آڇ ملي پر فرح خان انڪار ڪيو: سيف علي خان

بالي ووڊ اداڪارا سيف علي خان انڪشاف ڪيو ته هدايتڪارا فرح خان کيس سپرهٽ فلم ۾ ڪم ڪرڻ کان روڪيو هيو.

ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب سيف علي خان پنهنجي نئين فلم ”ڪرتاويا“ جي پروموشن ۾ مصروف آهي، جنهن لاءِ مختلف پروگرامن ۾ شرڪت ڪري.

تازو ئي هڪ ميزبان اداڪار سيف علي خان کان سوال ڪيو ته ڇا شاهه رخ خان کيس ڪڏهن فلم جي آڇ ڪئي؟ جنهن تي هن جواب ڏيندي چيو ته بلڪل شاهه رخ خان فلم ”مين هون نا“ ۾ ڪم جي آفر ڪئي هئي ۽ چيو ته هڪ فلم هڪ بهتر پراجيڪٽ آهي.

اداڪار ڳالهائيندي چيو ته بعد هدايتڪار فرح خان فون ڪري منع ڪري ڇڏي.

واضح رهي ته فلم ”مين هون نا“ هڪ بلاڪ بسٽر فلم هئي، جيڪا هدايتڪار فرح خان 2004 ۾ ٺاهي هئي، هن فلم جي ڪاسٽ ۾ شاهه رخ خان سان گڏ اداڪارا سشميتا سين، سنيل شيٽي، زيد خان ۽ اداڪارا امرتا رائو شامل هيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.