سنڌ حڪومت اسمارٽ لاڪ ڊائون حوالي سان سوچي رهي آهي:ناصر شاهه

سکر (رپورٽر) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سنڌ سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت اسمارٽ لاڪ ڊائون حوالي سان سوچي رهي آهي، حڪومت سرڪاري گاڏين جي استعمال ۾ 60 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي آهي، سکر ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي سيد ناصر حسين شاهه چيو ته روھڙي ۾ قائم جديد واٽر فلٽر پلانٽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ويزن جو حصو آهي، جنهن تي سنڌ حڪومت عملدرآمد ڪري رهي آهي، سنڌو درياھ تي سکر ۽ روھڙي کي ملائڻ لاءِ هڪ نئين پل جي منظوري ڏني وئي آهي جنهن جي تعمير جلد شروع ٿيندي منصوبي تحت پل کي پهرين مرحلي ۾ زيرو پوائنٽ سکر کان ڊي ايس پي آفيس تائين ۽ ٻئي مرحلي ۾ موٽر وي سان منسلڪ ڪيو ويندو، جنهن سان سنڌ، بلوچستان ۽ پنجاب جي وچ ۾ آمد و رفت ۾ نمايان بهتري ايندي ۽ ٽريفڪ جي مسئلن ۾ گهٽتائي ٿيندي، هن چيو ته جيڪڏهن توانائي جي گهٽتائي ڊگهي عرصي تائين رهي ته لاڪ ڊائون جهڙا قدم پڻ  غور هيٺ آڻي سگهجن ٿا، سنڌ حڪومت ڪفايت شعاري پاليسي تحت سرڪاري گاڏين جي استعمال ۾ 60 سيڪڙو ۽ پيٽروليم شين جي استعمال ۾ 50 سيڪڙو گهٽتائي ڪئي آهي، جڏهن ته ان حوالي سان روزاني بنياد تي اجلاس پڻ منعقد ڪيا پيا وڃن، ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل جي وچ ۾ تڪرار سبب توانائي جو عالمي بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو جنهن جا اثر پاڪستان سميت پوري دنيا تي پوندا، هن چيو ته ايم ڪيو ايم جي ڳالهين کي سنجيدگي سان نه ورتو وڃي ۽ گورنر جي تبديلي جو فيصلو وفاقي حڪومت جو اختيار آهي، چاهي گورنر ڪنهن به جماعت سان تعلق رکي هو سڀني لاءِ قابل احترام آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.