تهران/تل ابيب(عوامي آواز نيوز)ايران جي شهر اصفهان ۾ اهم توانائي انفراسٽرڪچر تي هوائي حملا ڪيا ويا، جڏهن ته خرّم شهر پاور پلانٽ جي گيس پائپ لائن کي به نشانو بڻايو ويو.ايراني نيوز ايجنسي موجب اصفهان ۾ گيس انتظامي عمارت ۽ گيس پريشر ريگيوليشن اسٽيشن تي حملو ٿيو. ساڳي وقت ڏکڻ-اولهه ايران ۾ واقع خرّم شهر پاور پلانٽ جي گيس پائپ لائن کي به نشانو بڻايو ويو.ميڊيا رپورٽن مطابق آمريڪي صدر ٽرمپ ايران جي توانائي انفراسٽرڪچر تي حملن کي پنج ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو هو، پر ان باوجود ايران جي توانائي نظام تي حملا جاري رهيا.ايراني ميڊيا موجب ايران جي شهر تبريز جي رهائشي علائقن تي گذريل رات آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ڪيل حملن ۾ 6 ماڻهو شهيد ۽ 9 زخمي ٿيا.اسرائيلي ايمرجنسي سروس موجب، اسرائيل جي شهر تل ابيب تي ايران جي ميزائل حملي ۾ 6 ماڻهو زخمي ٿي پيا، جڏهن ته ڪيترين ئي گاڏين، گهرن ۽ دڪانن کي به نقصان پهتو،هوڏانهن متحده عرب امارات جي هڪ اخبار جي رپورٽ موجب آمريڪا ايران جنگ ۾ روزانو لڳ ڀڳ 2 ارب ڊالر خرچ ڪري رهيو آهي.اماراتي اخبار مطابق ابتدائي 6 ڏينهن دوران آمريڪا جا جنگي خرچ 11.3 ارب ڊالر کان وڌيڪ رهيا، جڏهن ته آمريڪا روزاني بنياد تي جنگ تي تقريباً 2 ارب ڊالر خرچ ڪري رهيو آهي.اخبار جو چوڻ آهي ته ايران سان جاري تڪرار سبب عالمي تيل ۽ گيس جون قيمتون پڻ وڌي رهيون آهن،هوڏانهن عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ 3 سيڪڙو تائين واڌ کان پوءِ برطانوي خام تيل جي قيمت 103 ڊالر في بيرل ٿي وئي، جڏهن ته آمريڪي خام تيل 91 ڊالر في بيرل جي سطح تي موجود آهي