اسرائيل جي جنگ جي قيمت سڄي دنيا پئي ادا ڪري:ترڪ صدر

انقره(عوامي آواز نيوز)ترڪ صدر رجب طيب اردگان چيو آهي ته ترڪي وچ اوڀر  ۾ جاري تڪرار دوران نهايت محتاط ۽ دانشمندانه حڪمتِ عملي اختيار ڪئي آهي، ۽ برادرانه ۽ پاڙيسري لاڳاپن کي به برقرار رکيو پيو وڃي.ترڪ ميڊيا موجب انقره ۾ ڪابينا اجلاس کان پوءِ خطاب ڪندي ترڪ صدر چيو ته اسان پنهنجي لاءِ وڇايل جالن ۾ نه ڦاسي رهيا آهيون ۽ پرعزم آهيون ته باهه جي هن دائري کان پري رهون.ترڪ صدر چيو ته گذريل 25 ڏينهن واضح ڪري ڇڏيو آهي ته هي جنگ اسرائيل جي آهي، پر ان جي قيمت سڄي دنيا ادا ڪري رهي آهي. هن وڌيڪ چيو ته اها نيتن ياهو جي بقا جي جنگ آهي، پر ان جو بار 8 ارب انسان کڻي رهيا آهن. خطي جي امن ۽ انسانيت جي مفاد ۾ نيتن ياهو جي قيادت ۾ هلندڙ قتلِ عام واري نظام کي فوري طور روڪڻ گهرجي.هن زور ڏنو ته هر ملڪ کي دليرانه ۽ فعال موقف اختيار ڪرڻو پوندو، ۽ اسرائيل جي غير لچڪدار، حد کان وڌيڪ مطالبن ۽ سخت رويي سبب سفارتي حل جي ڪوششن کي نقصان نه پهچڻ گهرجي.وڌيڪ چيو ته ترڪي ايران ۾ امن لاءِ پنهنجي سموري صلاحيتن سان ڪم جاري رکندو. آمريڪا-اسرائيل جي ايران جنگ خطي کي گهيري ورتو آهي، جنگ سبب توانائي جي قيمتن ۾ واڌ ٿي رهي آهي، ۽ ترڪي معيشت کي ٿيندڙ نقصان جي ازالي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.