پيٽرول پمپ ايسوسيئيشن سڄي ملڪ ۾ اسٽيشنون بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان پيٽرول پمپ اونرز ايسوسيئيشن خدشن جي حل نه ٿيڻ جي صورت ۾ سڄي ملڪ ۾ جا هزارين پيٽرول پمپ بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏئي ڇڏي.
ايسوسيئيشن پنهنجي بيان ۾ چيو ته پيٽروليم واري وزير علي پرويز ملڪ سان فوري ملاقات لاءِ خط موڪليو آهي، 6 مارچ تي به خط موڪليو ويو هو پر ڪو جواب نه مليو.
بيان موجب، پيٽروليم شعبي کي آپريشنل، مالي مسئلن، اگهن ۽ اوچتن پاليسي تبديلين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، حڪومت پاليسي سازي ۾ صنعت سان لاڳاپيل ڌرين کي شامل ڪري.
ايسوسيئيشن چيو ته ملڪ ۾ 14 کان 15 هزار پيٽرول پمپ مالڪن جا مسئلا ۽ مطالبا نه مڃيا ويا ته هو سڄي ملڪ ۾ پيٽرول پمپ بند ڪرڻ تي مجبور ٿيندا، جنهن سان سخت فيول بحران پيدا ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.