بلاول ڀٽو ۽ آصفه طرفان شيري رحمان سان ڌيءَ جي وفات تي تعزيت

ڪراچي  (رپورٽر ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ خاتون اول بي بي آصفه ڀٽو زرداري سينيٽر شيريرحمان جي گهر پهتا، جتي هنن شيري رحمان سان ڌيءَ جي وفات تي تعزيت ڪئي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ قومي اسيمبلي ميمبر بي بي آصفه ڀٽو زرداري پي پي جي نائب صدر سينيٽر شيري رحمان سان سندس صاحبزادي ماروي خورشيد ملڪ جي وفات تي تعزيت ڪئي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ بي بي آصفه ڀٽو زرداري سينيٽر شيري رحمان جي مڙس سيد نديم حسين سان به ماروي خورشيد ملڪ جي وفات تي افسوس جو اظهار ڪيو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ بي بي آصفه ڀٽو زرداري سان گڏ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه، سعيد غني ۽ جميل سومرو به سينيٽر شيري رحمان ۽ نديم حسين سان رنج و غم جو اظهار ڪيو، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ ٻيا ماروي خورشيد ملڪ لاءِ فاتحه خواني ڪئي، چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري، بي بي آصفه ڀٽو زرداري ۽ ٻيا ماروي خورشيد ملڪ جي وفات تي وارثن لاءِ صبر جي دعا پڻ ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.