ڪراچي سوڌو سڄي سنڌ ۾ برسات ۽ تيز هوائن جو الرٽ

ڪراچي ( رپورٽر ) صوبائي آفتن جي انتظام واري اداري (پي ڊي ايم اي ) سنڌ سڄي صوبي ۾ برسات ۽ تيز هوائن جي الرٽ جاري ڪئي آهي ۽ اختيارين ۽ عوام کي احتياطي اپاءَ وٺڻ جي هدايت ڪئي آهي. حڪومتي عملدارن موجب پاڪستان جي موسميات کاتي اڄ کان سڀاڻي 26 مارچ ۽ 28 ۽ 29 مارچ تي سنڌ ۾ مينهن ۽ طوفان جي اڳڪٿي ڪئي آهي، ڪراچي، ٺٽو، بدين، حيدرآباد، سکر، دادو، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻو ضلعا متاثر ٿي سگهن ٿا. پي ڊي ايم اي  جي ڊائريڪٽر جنرل سلمان شاهه عملي کي هدايت ڪئي آهي ته ضروري مشينري سان گڏ الرٽ رهن ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي فوري طور تي منهن ڏئي سگهجي، تيز هوائون ۽ ممڪن ڳڙي ڪمزور اڏاوتن ۽ سولر پينلز کي نقصان پهچائي سگهن ٿا، مختلف علائقن ۾ بيٺل فصلن کي نقصان پهچي سگهي ٿو ۽ گرمي پد ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي، موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ تيز برسات جو امڪان آهي، ڪجهه علائقن ۾ ڳڙو به ڪري سگهي ٿو، شهرين کي احتياطي اپاءُ وٺڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.