ڪراچي (رپورٽر )سنڌ جي چيف سيڪريٽري آصف حيدر شاهه جي صدارت هيٺ ڪالهه امڪاني برساتن کي نظر ۾ رکندياهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سڀني ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ برسات جي نئين اسپيل بابت تيارين جو تفصيلي جائزو ورتو ويو۔ چيف سيڪريٽري سنڌ سڀني انتظاميه کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ قدم يقيني بڻايا وڃن، هن سڀني ڪمشنرن، ڊپٽي ڪمشنرن ۽ اسسٽنٽ ڪمشنرن کي هدايت ڪئي ته هو فيلڊ ۾ موجود رهن ۽ صورتحال جي لڳاتار نگراني ڪن ته جيئن عوامي مسئلن جو فوري حل ممڪن بڻائي سگهجي،هن واضح ڪيو ته ان دوران عوامي سهولت ۽ فيلڊ ۾ موجودگي کي اولين ترجيح ڏني وڃي۔ اجلاس کي ٻڌايو ويو ته موسميات کاتي برسات جي نئين اسپيل جي اڳڪٿي ڪئي آهي، جنهن کي نظر ۾ رکندي چيف سيڪريٽري سنڌ پي ڊي ايم اي کي فوري ايڊوائزري جاري ڪرڻ ۽ سڀني لاڳاپيل ادارن سان مؤثر رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي۔ هن ضلعي انتظاميه ۽ مڪاني ادارن کي مڪمل طور سرگرم ٿيڻ ۽ فيلڊ ۾ رهي عوامي خدمت کي يقيني بڻائڻ جو حڪم ڏنو۔ چيف سيڪريٽري سنڌ پاڻي جي نيڪال جي مؤثر انتظام تي زور ڏيندي هدايت ڪئي ته سڀ ضروري مشينري جي دستيابي ۽ فعاليت کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن ڪنهن به امڪاني شهري ٻوڏ ۽ پاڻي گڏ ٿيڻ واري صورتحال کان بچي سگهجي۔ هن ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن کي هنگامي قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي ته جيئن شهرين کي ڪنهن به قسم جي تڪليف پيش نه اچي۔ برسات ۽ تيز هوائن کي نظر ۾ رکندي خطري وارن بل بورڊن ۽ ٻين غير محفوظ ڍانچن خلاف فوري ڪارروائي جي به هدايت جاري ڪئي وئي۔ چيف سيڪريٽري سنڌ هدايت ڏني ته عوام کي امڪاني صورتحال بابت آگاهي ڏيڻ لاءِ مؤثر مهم هلائي وڃي ته جيئن شهري احتياطي تدبيرون اختيار ڪري سگهن۔ آخر ۾ هن سڀني ادارن کي هدايت ڪئي ته اڳواٽ قدم مڪمل ڪري مڪمل تياري يقيني بڻائي وڃي ۽ ڪنهن به هنگامي صورتحال کي بروقت ۽ مربوط انداز ۾ منهن ڏنو وڃي ته جيئن عوام جي جان ۽ مال جو تحفظ يقيني بڻائي سگهجي۔ صوبائي ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي پاران ايڊوائزري جاري پروونشل ڊيزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (پي ڊي ايم اي ) سنڌ پوري صوبي ۾ برسات ۽ تيز هوائن بابت الرٽ جاري ڪندي اختيارين ۽ عوام کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي۔ اختيارين موجب پاڪستان موسميات کاتي سنڌ ۾ 25 ۽ 26 مارچ سان گڏ 28 ۽ 29 مارچ تي برسات ۽ گرج چمڪ جي اڳڪٿي ڪئي آهي۔ پي ڊي ايم اي جي ڊائريڪٽر جنرل سلمان شاهه چيو ته ڪراچي، ٺٽو، بدين، حيدرآباد، سکر، دادو، ڪشمور، جيڪب آباد ۽ لاڙڪاڻو ضلع متاثر ٿي سگهن ٿا۔ پي ڊي ايم اي پنهنجي عملي کي هدايت ڪئي آهي ته ضروري مشينري سان گڏ الرٽ تي رهن ته جيئن ڪنهن به هنگامي صورتحال کي فوري طور منهن ڏئي سگهجي۔ اختيارين خبردار ڪيو آهي ته تيز هوائون ۽ ممڪن ڳڙا ڪمزور ڍانچن ۽ سولر پينلن کي نقصان پهچائي سگهن ٿيون۔ هنن اهو به چيو ته مختلف علائقن ۾ بيٺل فصلن کي نقصان پهچي سگهي ٿو ۽ گرمي پد ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي۔ شهرين کي غير ضروري سفر کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي، جڏهن ته سياحن ۽ مسافرن کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ گهرجن۔ هارين کي چيو ويو آهي ته پنهنجي فصلن جي تحفظ لاءِ اڳواٽ قدم کڻن۔ هن وڌيڪ چيو ته سڀني ڊپٽي ڪمشنرن ۽ لاڳاپيل کاتن کي هاءِ الرٽ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔ وزير اعلي سنڌ جي بحالي بابت صلاحڪار گيان چند ايسراڻي جي هدايتن موجب، هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ اڳواٽ انتظام يقيني بڻايا ويا آهن۔