حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي پونم پيٽرول پمپ ڀرسان واقع سنڌ ڪاٽيجز ۾ قتل ٿيل پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ ڪاشف باغي جي قتل ڪيس ۾ پوليس ڪابه اڱڀرائي نه ڪري سگھي، جنھن سبب وارثن ۽ ٽيم جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو جي ڪارڪنن ۾ ڪاوڙ جي لھر ڇانيل آھي، ٻئي طرف مقتول پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ ڪاشف باغي جي قتل ڪيس جي فريادي ۽ شھيد ڪاشف باغي جي وڏي ڀاءُ آصف باغي سنڌ بار ڪائونسل، سنڌ ھاءِ ڪورٽ بار، ڊسٽرڪٽ حيدرآباد بار سميت لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته شھيد ڪاشف باغي قتل ڪيس جي مک جوابدار وليد فاروقي جي سھولتڪاري ايڊووڪيٽ سيد احمد رشيد ڪري رھيو آھي ان لاءِ بنا دير ھن جو لائيسنس رد ڪري سندس نالو قتل ڪيس ۾ شامل ڪيو وڃي، ھن چيو ته قتل ۾ استعمال ٿيل پسٽل ۽ مک جوابدار جي گاڏي به ايڊووڪيٽ سيد احمد رشيد وٽ بيٺل آهي، ھن چيف جسٽس آف پاڪستان، آءِ جي سنڌ سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته ايڊووڪيٽ احمد رشيد کي جلد کان جلد گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي.