تهران (م ڊ) ايران محمد باقر ذولقدر کي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو نئون سيڪريٽري مقرر ڪري ڇڏيو، محمد باقر ذولقدر، جيڪو اڳ ۾ آءِ آر جي سي جو ڪمانڊر رهيو آهي، علي لاريجاني جي جاءِ تي نئين سيڪريٽري طور مقرر ٿيو، جن کي گذريل هفتي ميزائل حملي ۾ نشانو بڻايو ويو، ذولقدر 2020 تائين عدليه ۾ نائب سربراهه سميت ڪيترن ئي اعليٰعهدن تي ڪم ڪري چڪو آهي، هن آءِ آر جي سي جي جوائنٽ اسٽاف جي سربراهه، آءِ آر جي سي جي ڊپٽي ڪمانڊر ان چيف ۽ گهرو وزارت جي سيڪيورٽي ۽ قانون نافذ ڪرڻ واري شعبي ۾ نائب سربراهه طور به ڪم ڪيو، ايراني صدارتي آفيس جي ترجمان محمد مهدي طباطبائي موجب صدارتي فرمان ۽ رهبر اعليٰ انقلاب اسلامي جي منظوري سان محمد باقر ذولغدر کي سپريم نيشنل سيڪيورٽي ڪائونسل جو سيڪريٽري جنرل مقرر ڪيو ويو آهي.