ڪراچي(رپورٽر ) سنڌ اسيمبليءَ ۾ مخالف ڌر ۽ ايم ڪيو ايم جي اڳواڻ علي خورشيدي ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنسڪندي چيو ته صدر آصف علي زرداري سان ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي جي ملاقات کي هڪ وفاقي وزير جي صدر سان ملاقات واري پسمنظر ۾ ڏسڻ گهرجي ۽سنڌ جي بهتري لاءِ ڳالهه ٻولهه جا دروازا بند نه ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته ڪراچي ۾ گهڻن جي راءِ آهي ته پيپلزپارٽي وارا سڌرڻ وارا ناهن،ٻيو اهو آهي ته جڏهن ٻه پاڻ ۾ وڙهندا آهن ته وچان ٽيون اچي ويندو آهي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي مسئلن تي سنڌ سرڪار هڪ قدم کڻندي ته ايم ڪيو ايم ٻه قدم اڳتي وڌائيندي، ايم ڪيو ايم شهري سنڌ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي، ڪراچي کان ڪشمور تائين 6 ڪروڙ سنڌين جو آواز ايم ڪيو ايم آهي، علي خورشيدي چيو ته سنڌ جي سمورن ضلعن ۾ به کير جون نديون نه پيون وهن پر اتان جا چونڊيل نمائندا ڪوبه آواز اٿارڻ لاءِ تيار ناهن، هن چيو ته اسان پهرين ڏينهن کان چوندا ٿا اچون ته شهر ۾ ڊمپر حادثن تي اسيمبلي ۾ ڳالهايو پر ان کي سياسي مسئلو نه بڻايو، ڪجهه قوتن پاران ان معاملي کي لساني رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار سنڌ سيڪريٽريٽ ۾ هڪ ميٽنگ ڪوٺائي هئي جنهن ۾ ايم ڪيو ايم شرڪت ڪري پنهنجون تجويزون به ڏنيون هيون، ٻن مهينن جي اندر جي ايوريج ڏسجي ته روزانو هڪ ماڻهو فوت ٿي رهيو آهي، اهڙن حادثن کي روڪڻ لاءِ سنڌ سرڪار ڪوبه عملي قدم کڻڻ لاءِ تيار ناهي جيڪڏھن سوال ڪيون ٿا ته چون ٿا ايم ڪيو ايم سياست ڪري رهي آهي، هن مسئلي تي جيڪڏهن سياست ڪرڻي آهي ته ايم ڪيو ايم سياست ڪندي رهندي، مخالف ڌر جي اڳواڻ چيو ته ڪراچي جا شهري مري رهيا آهن پر سنڌ سرڪار ڪجهه ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، هن مسئلي تي سنڌ سرڪار کي پنهنجو قبلو درست ڪرڻو پوندو، ماڻهن جي جان ۽ مال جو تحفظ ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، ڇا ڊمپر حادثن ۾ ماڻهو فوت نه ٿي رهيا آهن، علي خورشيدي چيو ته ڪراچي ۾ عيد تي برسات جو امڪان هيو برسات سبب ماڻهو عيد گاهه ۾ نماز نه پڙهي سگهيا ڇاڪاڻ ته برسات سبب عيد گاهن ۾ پاڻي بيهجي ويو هو،هن چيو ته هي مڪاني نظام ناڪارا نظام بڻجي چڪو آهي، ڪراچي ۽ حيدرآباد تباھ ٿي چڪا آهن، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار چوي ٿي تنقيد نه کپي،سنڌ ۾ ڪراچي کان ڪشمور تائين مڪاني نظام مڪمل ناڪارا آهي، هن ڏوهه ۾ جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي ڀاڱي ڀائيوار آهن،