وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو ٽياڪڙي وارو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي:چيني سفير

اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ چين جي سفير جيانگ زي ڊونگ چيو آهي ته وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو ٽياڪڙي وارو ڪردار واکاڻ جوڳو آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جيانگ زي ڊونگ چيو ته وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جو ٽياڪڙي وارو ڪردار ساراهه جوڳو عمل آهي، اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان جيڪو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ان جي واکاڻ ڪيون ٿا، هن چيو ته چين طاقت جي استعمال بدران ڳالهين ۽ سفارتي طريقن ذريعي تڪرارن جي حل جو حامي آهي، چيني سفير جو چوڻ هو ته وچ اوڀر جي موجوده صورتحال ۾ چين هڪ طرفي قدمن ۽ طاقت جي سياست جي مخالفت ڪري ٿو، هن وڌيڪ چيو ته چين عالمي قانون کي ڪنهن به ملڪ جي مقامي قانون هيٺ آڻڻ جي مخالفت ڪري ٿو ۽ عالمي اصولن جي پاسداري تي زور ڏئي ٿو، سندس چوڻ هو ته غير فوجي هدفن تي حملا نه ٿيڻ گهرجن ۽ سامونڊي رستن جي سلامتي برقرار رهڻ گهرجي، جڏهن ته چين ٽياڪري جون ڪوششون جاري رکندو جيستائين تڪرار جو حل نه نڪري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.