واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)وائيٽ هائوس تصديق ڪئي آهي ته ٽرمپ ايران جنگ واري معاملي تي فيلڊ مارشل عاصم منيرسان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي،اولهه جي خابرو اداري موجب، آمريڪي صدر جي ڏکڻ ايشيا بابت خاص نمائندي وٽڪوف ۽ ٽرمپ جي ناٺي جيرڊ ڪشنر جي امڪاني اسلام آباد دوري بابت سوال تي وائٽ هائوس جي ترجمان ڪيرولين ليوٽ چيو ته اها حساس سفارتي ڳالهه ٻولهه آهي، ۽ آمريڪا اهڙن معاملن تي ميڊيا ذريعي ڳالهين نٿو ڪري۔هن وڌيڪ چيو ته بدلجندڙ حالتن ۾ ملاقاتن بابت قياس آرائين کي ان وقت تائين حتمي نه سمجهڻ گهرجي، جيستائين وائٽ هائوس طرفان باضابطه اعلان نه ڪيو وڃي۔آمريڪي ميڊيا موجب، آمريڪا پاڪستان جي ذريعي 15 نقطا ايران تائين پهچائي ڇڏيا آهن۔ياد رهي ته گذريل ڏينهن وزيراعظم شهبازشريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن ۾ علائقي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي تعميري ڪردار کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو ويو۔ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪا جو نائب صدر جي ڊي وينس، وِٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر امڪاني طور ايندڙ هفتي اسلام آباد ۾ ايران سان ٿيندڙ ڳالهين ۾ شرڪت ڪري سگهن ٿا۔ٻئي پاسي، پاڪستان جي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته جيڪڏهن سڀ ڌريون راضي ٿين ٿيون ته پاڪستان ڳالهين جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهي۔