ٽن شرطن تي ايران سان جنگ بندي،اسرائيل ٺاهه قبول ڪندو؟

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا)صدر ٽرمپ  اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ هلندڙ جنگ کي عارضي طور روڪيو ويو آهي، يعني جنگبندي ٿي چڪي آهي ۽ ايران جي انفراسٽرڪچر، پاور پلانٽن ۽ ٻين تنصيبات تي حملا روڪيا ويا آهن۔هي جنگبندي ڪجهه ڏينهن لاءِ آهي ته جيئن ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڳالهين کي اڳتي وڌايو وڃي رپورٽن موجب ٽي اهم ملڪ پاڪستان،ترڪي ۽ مصر  هن ڊيل ۾ ٽياڪڙ طور ڪم ڪري رهيا آهن،انهن ٽنهي ملڪن ايران سان به ڳالهيون ڪيون آمريڪا سان به رابطا ڪيا۽ ٻنهي کي عارضي جنگبندي تي راضي ڪيو  ممڪن آهي ته اسلام آباد ۾ هڪ وڏي گڏجاڻي ٿئي جنهن ۾ آمريڪي عملدار ايراني نمائندا وچ وارا  ملڪ (پاڪستان، ترڪي، مصر)گڏجي آخري معاهدي کي حتمي شڪل ڏين هن جنگ ۾ ڪيترائي عام ماڻهو مارجي ويا ايران جي فوجي ۽ سولين تنصيبات تباهه ٿيون وچ اوڀر جي معيشت متاثر ٿي خاص طور قطر جي گيس تنصيبات تي حملا دبئي سميت علائقي ۾ معاشي نقصان تيل جي قيمتن ۾ وڏو اضافو ۽ آبناءِ هرمز جي ڪري عالمي تيل مارڪيٽ به متاثر ٿي جڏهن ته ايران اڪيلو جنگ وڙهيو ڪنهن وڏي طاقت جي کليل مدد نظر نه آئي ان باوجود سخت دفاع ڪيو پوري دنيا طرفان جنگ روڪڻ لاءِ  دٻاءُ وڌيو ،ٽن اهم شرطن تي ڊيل ٿي رهي آهي،ايران پنهنجو جوهري پروگرام محدود يا ختم ڪندوموجوده اسٽاڪ پڻ ڪنٽرول هيٺ ڏيندو ٻيو ايران پنهنجي ڊگهي فاصلي وارن ميزائلن کي محدود ڪندوجيڪي هزارين ڪلوميٽر تائين مار ڪري سگهن ٿا ٽيون ايران تيل ۽ گيس جي عالمي سپلاءِ جاري رکندوسامونڊي رستا بند نه ڪندوبدلي ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ روڪڻ لاءِ تيار   ۽ ايران تي حملا عارضي طور بند ٿي ويا،جنگبندي جو اعلان آمريڪا ڪيو ان ڪري چيو پيو وڃي ته آمريڪا/اسرائيل پهريان “پٺتي هٽيا“اصل سوال اهو آهي ته ڇا اسرائيل  مڪمل طور هن جنگبندي کي مڃيندو؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.