سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ اڄ کان 30 مارچ تائين تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب، نئين سسٽم جي اثر هيٺ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ 25، 26 ۽ 28، 29 مارچ تي وسڪار جو امڪان آهي
ان کانسواءِ سکر، دادو، ڪشمور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي ۽ ٻين شهرن ۾ پڻ مِينهن جا امڪان آهن.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا جي مختلف علائقن ۾ به برسات پوندي.
هن سسٽم جي اثر هيٺ پنجاب ۽ اسلام آباد جي مختلف شهرن سميت گلگت بلتستان ۽ آزاد ڪشمير ۾ به برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.