وچ اوڀر جنگي صورتحال: آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ اسلام آباد ۾ ڳالهين جو امڪان

لنڊن/اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ پاڪستان جو گاديءَ وارو شهر اسلام آباد هڪ اهم سفارتي مرڪز طور سامهون  آيو  آهي.
برطانوي ميڊيا سان ڳالهائيندي هڪ ايراني سفير نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ ڳالهين جا ”معمولي امڪان“ موجود آهن ۽ جيڪڏهن حتمي فيصلو ٿيو ته اسلام آباد ميزباني ڪري سگهي ٿو .
واضح رهي ته معاملي جي حساسيت کي نظر ۾ رکندي، وزيراعظم شهباز شريف گذريل ڏينهن ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي.
وزيراعظم ڇڪتاڻ ۾ فوري گهٽتائي ۽ سفارتڪاري ذريعي مسئلا حل ڪرڻ تي زور ڏنو.
پاڪستان، ترڪي ۽ مصر جهڙا ملڪ، جن جا صدر ٽرمپ سان ويجها لاڳاپا آهن، هن وقت ٽياڪڙي لاءِ سرگرم آهن.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران سان ”تعميري ۽ نتيجا ڏيندڙ“ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، جڏهن ته ايراني پرڏيهي کاتي ان جي ترديد ڪئي آهي، ايراني اختيارين کي آمريڪا تي سخت شڪ آهن، ڇاڪاڻ ته فيبروري ۽ جون ۾ ٿيل ڳالهيون آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن سبب ناڪام ٿيون هيون.
خبرون آهن ته ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي ۽ آمريڪي خاص نمائندي اسٽيو وِٽڪوف وچ ۾ شروعاتي رابطو ٿيو آهي.
ان سان گڏوگڏ ايراني مرڪزي اڳواڻ محمد باقر قاليباف ۽ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جي ممڪن ملاقات جا افواهه پڻ زور پڪڙي رهيا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.