اسرائيل ۾ وڏي تباهي،آمريڪي ميڊيا ۾ بليڪ آئوٽ

لاهور(مبشر لقمان) اسرائيل ۾ وڏي تباهي ٿي چڪي آهي، پر عالمي ميڊيا خاص ڪري آمريڪي ميڊيا مڪمل حقيقت لڪائي رهي آهي آمريڪا ۾ پيٽرول جون قيمتون تيزي سان وڌي رهيون آهن (مثلاً ڪيليفورنيا ۾ 6 ڊالر تائين)عام آمريڪي شهري تي سڌو اثر پئجي رهيو آهي ٽرڪنگ ۽ ٽرانسپورٽ جهڙيون بنيادي صنعتون متاثر ٿي رهيون آهن جنگ هاڻي ماڻهن جي “کيسي” تائين پهچي چڪي آهي هي روايتي جنگ ناهي پر هڪ “نئون عالمي نظام  ٺهڻ جو عمل آهي آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران سڀ پنهنجو پنهنجو بيان پيش ڪري رهيا آهن اصل جنگ ”بيانيي“ جي آهي.اصل مقابلو زمين يا فوجي قبضي لاءِ ناهي پر تيل ۽ توانائي تي ڪنٽرول لاءِ آهي خاص طور آبناءِ هرمز  مان دنيا جو لڳ ڀڳ 25 سيڪڙو تيل گذري ٿو جيڪڏهن اها بند ٿئي ٿي ته عالمي معيشت متاثر ٿيندي مهانگائي وڌندي هر ملڪ جي معيشت ٻڏي ويندي،جڏهن ته هڪ ننڍڙي غلطي وڏي جنگ بڻجي سگهي ٿي تل ابيب تي وڏو حملو آمريڪي فوجين جي وڏي نقصان  کانپوءِ جنگ ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي سگهي ٿي جڏهن ته ايران هاڻي لڪل جنگ نه پر کليل جنگ ڪري رهيو آهي سڌي طرح جواب ڏئي رهيو آهي ،ان جنگ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي آمريڪا بظاهر چوي ٿو ته “اسان مڪمل جنگ نٿا چاهيون” پر حقيقت ۾ اڳ ئي جنگ ۾ شامل آهي تاريخي حوالي سان آمريڪا آهستي آهستي جنگ ۾ داخل ٿيندو آهي، پوءِ ڦاسي ويندو آهي ٻئي پاسي جنگ اسٽاڪ مارڪيٽن، بئنڪن ۽ خوراڪ تائين اثر انداز ٿيندي مهانگائي “لازمي” وڌندي سپلائي چين ٽٽي سگهي ٿي روس کي مهانگي تيل جي وڪري سان فائدو ٿي رهيو آهي،چين جنهن جو توانائي تي دارومدار آهي،ان کي خطرا آهن،آمريڪا جو مقصد برڪس  اتحاد کي ڪمزور ڪرڻ آهي ڊالر کي مضبوط رکڻ عالمي برتري برقرار رکڻ  آهي،اسرائيل عام طور تي تيز، مختصر جنگ ڪندو آهي پر هن ڀيري جنگ ڊگهي ٿي وئي ڪنٽرول کان ٻاهر ٿي رهي آهي جڏهن ته  ايران توقع کان وڌيڪ سخت جواب ڏئي رهيو آهي مختلف هنڌن تان حملن جو جواب ڏئي رهيو آهي جنهن لاءِ آمريڪا ۽ اسرائيل مڪمل طور تي تيار نه هئا عرب ملڪن کي سيڪيورٽي لاءِ آمريڪا تي ڀاڙڻو پوي ٿو پر هاڻي انهن کي به شڪ ٿي رهيو آهي معاشي ۽ سياسي دٻاءُ وڌي رهيو آهي

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.