پيرس/سڊني (م ڊ) انٽرنيشنل انرجي ايجنسي خبردار ڪيو آهي ته دنيا هن وقت تيل جي اهڙي تاريخي بحران مان گذري رهي آهي، جيڪو 1970ع واري ڏهاڪي ۽ 2022ع جي روس يوڪرين جنگ واري گئس بحران کان به وڌيڪ شديد آهي. آسٽريليا ۾ ڳالهائيندي آءِ اي اي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر فاتح بيرول چيو ته موجوده توانائي بحران انساني تاريخ جو سڀ کان وڏو بحران بڻجي چڪو آهي. رپورٽ موجب، آبنائي هرمز جي بندش ۽ تيل کڻي ويندڙ جهازن تي حملن سبب عالمي تيل جي فراهمي روزانو 11 ملين بيرل تائين گهٽجي وئي آهي، جيڪا 70ع واري ڏهاڪي جي بحران کان به وڌيڪ آهي. اهڙي طرح ايل اين جي جي فراهمي ۾ 140 ارب ڪيوبڪ ميٽرن جي لاٿ آئي آهي، جڏهن ته روس يوڪرين جنگ دوران اها گهٽتائي صرف 75 ارب ڪيوبڪ ميٽر هئي. فاتح بيرول انڪشاف ڪيو ته جاري ايران، اسرائيل ۽ آمريڪا تڪرار ۾ هان تائين 9 ملڪن جا 40 توانائي مرڪز تباهه ٿي چڪا آهن، جنهن ڪري عالمي معيشت کي بدترين خطرا آهن. آءِ اي اي جي سربراهه موجب، هو مختلف ملڪن سان انهن جي محفوظ ذخيرن مان تيل مارڪيٽ ۾ آڻڻ لاءِ رابطي ۾ آهي، پر اهو مستقل حل ناهي. هن زور ڏنو ته توانائي جو عالمي بحران صرف تڏهن ختم ٿيندو جڏهن آبنائي هرمز تي لڳل بندش ختم ڪئي ويندي. ياد رهي ته 28 فيبروري تي ايران تي اسرائيلي ۽ آمريڪي حملن کانپوءِ شروع ٿيندڙ جنگ سبب تيل جي قيمتن ۾ هان تائين 50 سيڪڙو کان وڌيڪ اضافو ٿي چڪو آهي، جنهن عالمي مارڪيٽن ۾ خوف واري لهر پکيڙي ڇڏي آهي.