آمريڪا ۽ ايران ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ پاڪستان مرڪزي ٽياڪڙ بڻجي ويو: برطانوي اخبار

واشنگٽن/ لنڊن/تهران/ تل ابيب (عوامي آواز رپورٽ) برطانوي اخبار ”فنانشل ٽائمز“ دعويٰ ڪئي آهي ته پاڪستان هن وقت آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ ۽ جنگ جي خاتمي لاءِ مرڪزي ٽياڪڙ طور سامهون آيو آهي. رپورٽ موجب، فيلڊ مارشل ۽ آرمي چيف جنرل عاصم منير آچر ڏهاڙي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ علائقائي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. فنانشل ٽائمز جي رپورٽ ۾ انڪشافڪيو ويو آهي ته سينيئر پاڪستاني عملدار تهران (ايران) ۽ آمريڪي انتظاميا جي اهم شخصيتن، بشمول اسٽيو وٽڪوف ۽ جيرڊ ڪشنر جي وچ ۾ ”بيڪ چينل“ رابطا ڪرائڻ ۾ مصروف آهن. پاڪستاني اختيارين پاران اهي ڪوششون خطي ۾ وڏي جنگ کي روڪڻ ۽ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعتماد بحال ڪرڻ لاءِ ڪيون پيون وڃن. پاڪستان پنهنجي اسٽريٽجڪ حيثيت جو استعمال ڪندي پاڻ کي هڪ اهڙي ملڪ طور پيش ڪري رهيو آهي جيڪو وچ اوڀر ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين جا رستا کولي سگهي ٿو. ان حوالي سان پاڪستاني قيادت جا آمريڪي صدر ۽ ايراني عملدارن سان مسلسل رابطا انتهائي اهم قرار ڏنا پيا وڃن. ذريعن موجب، آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پاڪستان، ترڪي ۽ مصر اهم سفارتي ڪردار ادا ڪيو آهي. عالمي خبرون ڏيندڙ اداري ”رائٽرز“ ۽ آمريڪي رسالي ”ايڪسيوس“ جي رپورٽرن دعويٰ ڪئي آهي ته انهن ٽنهي ملڪن جي وچ ۾ اڻ سڌي ريت ڳالهيون ڪرائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. رپورٽ موجب، مصر ۽ ترڪي آمريڪي نمائندي اسٽيو وٽڪوف ۽ ايراني پرڏيهي وزير عباس اراقچي سان واري واري سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ٻنهي ملڪن جي پيغامن جي ڏي وٺ ڪرائي. انهن سفارتي ڪوششن جي نتيجي ۾ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران جي پاور پلانٽن ۽ توانائي جي مرڪزن تي امڪاني فوجي حملا 5 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. ذريعن موجب پاڪستان، ترڪي ۽ مصر هن وقت به ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ”رائٽرز“ دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري جنگ ۽ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ لاءِ پاڪستان، ترڪيه ۽ مصر اهم ٽياڪڙ وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. رپورٽ موجب انهن ٽنهي ملڪن جي سهڪار سان ڳالهين جا رستا کلي ويا آهن، جنهن سان علائقي ۾ پيدا ٿيندڙ خطرناڪ صورتحال کي قابو ۾ رکڻ ۾ وڏي مدد ملي آهي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ذريعن رائٽرز کي ٻڌايو ته ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ڪجهه اهم قدم کنيا پيا وڃن. ايران جو موقف آهي ته آمريڪا، جيڪو جنگ جي شروعات ڪندڙ ڌر آهي، ان کي سڌي سنئون ڳالهين ۾ شامل ٿيڻ گهرجي. ٻئي طرف، هڪ آمريڪي ذريعي موجب انهن ڳالهين جو بنيادي مقصد جنگ جو خاتمو ۽ ٻين پيچيده مسئلن جو پرامن حل ڳولڻ آهي. وائيٽ هائوس هينئر تائين انهن ڳالهين جي مواد، شرڪت ڪندڙن يا ڳالهين جي جڳهه بابت ڪو به سرڪاري جواب ناهي ڏنو.  اسرائيلي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جاري ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ هن هفتي جي آخر ۾ پاڪستان جي گاديءَ واري شهر اسلام آباد ۾ هڪ انتهائي اهم ملاقات ٿي سگهي ٿي. رپورٽن موجب، ڳالهيون ان مرحلي تي پهچي چڪيون آهن جتي ٻنهي ملڪن جا اعليٰ عملدار آمهون سامهون ويهي سگهن ٿا. آمريڪي ميڊيا سان لاڳاپيل صحافين پاران ”ايڪس“ تي ڪيل دعويٰ موجب، ان ملاقات ۾ ايران پاران پارليامينٽ جو اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ ٻيا عملدار، جڏهن ته آمريڪا پاران اسٽيو وٽڪوف، جيرڊ ڪشنر ۽ نائب صدر جئي ڊي وينس شريڪ ٿي سگهن ٿا. ٻڌايو پيو وڃي ته پاڪستان، مصر ۽ ترڪيه جا عملدار مسلسل ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پيغامن جي ڏي وٺ ڪرائي رهيا آهن. ٻئي طرف، ايران ٽرمپ انتظاميا سان سڌي سنئون ڳالهين جي ترديد ڪري ڇڏي آهي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته تهران ۽ واشنگٽن جي وچ ۾ ڪي به ڳالهيون نه پيون ٿين. ايران موجب ٽرمپ جي بيانن جو مقصد عالمي مارڪيٽ ۾ توانائي جي اگهن کي گهٽائڻ ۽ پنهنجي فوجي منصوبن لاءِ وقت حاصل ڪرڻ آهي. ايراني اختيارين تصديق ڪئي ته دوست ملڪن (پاڪستان، مصر، ترڪيه) پاران آمريڪا جا پيغام مليا آهن، جن مان ظاهر ٿئي ٿو ته آمريڪا جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهين جي درخواست ڪري رهيو آهي، پر ايران اڃا تائين انهن جو ڪو به جواب ناهي ڏنو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.