صدر آصف علي زرداري پاران والدين جي مزارن تي حاضري، فاتحه خواني

نوابشاهه (عوامي آواز رپورٽ) صدر آصف علي زرداري نوابشاهه جي علائقي بالو جا قبا ۾ پنهنجي والده بيگم بلقيس سلطانا ۽ والد سردار حاڪم علي زرداري جي مزارن تي حاضري ڀري. ايوانِ صدر پاران جاري ڪيل پڌرنامي موجب، صدر زرداري مزارن تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي. صدر آصف علي زرداري پنهنجي  ٻين ويجهن عزيزن ۽ مٽن مائٽن جي قبرن تي پڻ حاضري ڏني، جتي هن گلن جون پتيون نڇاور ڪيون ۽ مرحومن جي مغفرت ۽ درجن جي بلندي لاءِ دعا گهري. ان موقعي تي صدرِ پاڪستان جي سلامتي، ترقي ۽ خوشحالي لاءِ پڻ خصوصي دعا ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.