لگزري گاڏين جي هاءِ آڪٽين تيل تي ليوي ۾ 200 رپيا واڌ

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وڊيو لنڪ ذريعي ٿيل اجلاس ۾ لگزري گاڏين ۾ استعمال ٿيندڙ هاءِ آڪٽين فيول تي ليوي ۾ 200 روپيا في ليٽر واڌ جو وڏو فيصلو ڪيو ويو آهي.  وزيراعظم آفيس پاران جاري ڪيل پڌرنامي موجب، امير ترين طبقي جي پرتعيش گاڏين ۾ استعمال ٿيندڙ هاءِ آڪٽين تي اڳ ۾ 100 روپيا ليوي هئي، جيڪا هاڻي وڌائي 300 روپيا في ليٽر ڪئي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف اجلاس دوران چيو ته مهانگي ترين گاڏين تي ليوي وڌائڻ سان معيشت تي بار گهٽبو ۽ امير طبقو پنهنجو حصو وجهندو. هن واضح ڪيو ته هن فيصلي سان عام ۽ وچولي طبقي جي گاڏين جي ٻارڻ، پبلڪ ٽرانسپورٽ يا هوائي جهازن جي ڪراين تي ڪو به اثر نه پوندو. پڌرنامي موجب، هن قدم سان حڪومت کي ماهوار 9 ارب روپين جي بچت ٿيندي، جيڪا وزيراعظم جي هدايت موجب عوام کي ريليف ڏيڻ لاءِ استعمال ڪئي ويندي. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اعظم نذير تارڙ، محمد اورنگزيب، عطا الله تارڙ ۽ علي پرويز ملڪ سميت اعليٰ اختيارين شرڪت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.