اسلام آباد(عاصمه شيرازي)چيو پيو وڃي ته ايران هن جنگ ۾ اڳتي وڌي رهيو آهي،تازين خبرن موجب اسرائيل جي آسمانن تي ايران جي ميزائلن جو دٻدبو وڌي ويو آهي ايران وڏا حملا ڪيا، ۽ ميزائلن جي برسات ٿي ايراني فوجي ڪمانڊر سيد ماجد موسوي چيو ته هاڻي اسرائيل جي قبضي وارن علائقن جي آسمانن تي ايران جو ڪنٽرول آهي” ايران جي نئين حڪمت عملي موجب:جديد لانچ سسٽم استعمال ڪيا ويا دشمن حيران ٿي ويو ديمونا ۽ وڏا حملاايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيوته اسرائيل پنهنجي حساس علائقي ديمونا کي بچائڻ ۾ ناڪام رهيو جيڪڏهن ميزائل روڪي نٿا سگهجن ته جنگ جو نئون مرحلو شروع ٿي ويو آهي ان حملن کان پوءِ:اسرائيل ۾ ايمرجنسي لاڳو ٿي تعليمي ادارا بند ڪيا ويا ڪيترائي ماڻهو مارجي ۽ زخمي ٿيا بين يامين نيتن ياهو چيو ته هي اسرائيل لاءِ تمام ڏکيو وقت آهي، پر جنگ جاري رهندي” ڊيگو گارشيا تي ميزائل حملي جي خبرن بابت ايران انڪار ڪيو ۽ چيو ويو ته ايران وٽ 4000 ڪلوميٽر رينج جا ميزائل ناهن اهو به چيو پيو وڃي ته:شايد هي “فالس فليگ” آپريشن هجي مقصد ٻين ملڪن کي جنگ ۾ شامل ڪرڻ هجي ٽرمپ ايران کي 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏنو:جيڪڏهن ايران قدم نه کنيو ته ان جي تيل تنصيبات کي نشانو بڻايو ويندو جواب ۾ ايران چيو:جيڪڏهن حملو ٿيو ته خليجي ملڪن جا اهم مرڪز به نشانو بڻايا ويندا آبناءِ هرمز ۽ ٻيا سامونڊي رستا بند رهيا ته عالمي توانائي بحران پيدا ٿيندو باب المندب پڻ خطري ۾ آهي ايران نئون عالمي نظام ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي چيني ڪرنسي (يوان) ۾ واپار وڌي رهيو آهي انهن ملڪن جو ذڪر ڪيو ويو:پاڪستان، چين، هندستان، ترڪي، روس، سعودي عرب، برازيل وغيره ٻئي طرف:يورپ ۽ مغربي ملڪ آبناءِ هرمز کي محفوظ ڪرڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي ٺاهي رهيا آهن چابهار بندرگاہ کي چين حوالي ڪرڻ جو امڪان آهي ،گوادر بندرگاہ جي اهميت وڌي سگهي ٿي اهو پاڪستان لاءِ وڏي اقتصادي موقعي طور ڏٺو پيو وڃي۔پاڪستان ايران، سعودي عرب ۽ ٻين ملڪن وچ ۾ تڪرار نٿو چاهي پاڪستان کي غيرجانبدار رهڻ گهرجي ڪنهن ٻئي جي جنگ ۾ شامل ٿيڻ خطرناڪ هوندو