ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن به برسات، فوتين جو انگ 19 ٿي ويو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ٻئي ڏينهن به برسات جاري رهي، جڏهن ته طوفاني برسات دوران مختلف حادثن ۾ فوتين جو انگ وڌي 19 ٿي ويو، رپورٽن موجب شهر ۾ اربع جي رات تيز هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ تيز  برسات پئي، تقريبن 97 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلندڙ هوائن ڇتين کي اڏائي ڇڏيو، ڀتيون ڪري پيون، جڏهن ته بجلي جا پول ۽ وڻ به ڪري پيا، سڀ کان افسوسناڪ واقعو بلديا مواچ ڳوٺ ۾ پيش آيو، جتي طوفاني هوا سبب ڀت ڪرڻ سان 13 ڄڻا فوت ٿي ويا، اختيارين موجب فوت ٿيل ماڻهو برسات کان بچڻ لاءِ ڀت ڀرسان بيٺل هئا، قائدآباد ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب مڙس ۽ زال فوت ٿي ويا، لانڍي يار محمد ڳوٺ ڀرسان وڄ ڪرڻ سبب هڪ شخص فوت ٿيو، جڏهن ته ڪورنگي نمبر 5 ۾ وڻ ڪرڻ سبب به هڪ ڄڻو حياتي وڃائي ويٺو، ڪورنگي ساڍا ٽي نمبر ڀرسان گهر جي ڇت ڪرڻ سان هڪ عورت فوت ٿي پئي ۽ چار ماڻهو زخمي ٿي پيا، ڀينس ڪالوني پيرانو ڳوٺ ۾ ڇت ڪرڻ سبب چار ورهين جي نياڻي فوت ٿي وئي، جڏهن ته ملير ڀينس ڪالوني ۾ هڪ واڙي جي ڇت ڪرڻ سان ٽي ڄڻا زخمي ٿيا، ريسڪيو ذريعن موجب ڪلفٽن ۾ وڻ ڪرڻ سبب ٻه ماڻهو زخمي ٿيا، جڏهن ته پي اي سي ايڇ ايس ۾ اسپتال جي ڀت گاڏين مٿان ڪري پئي، مڇر ڪالوني ۾ پڻ گهر جي ڇت ڪرڻ جو واقعو پيش آيو، طوفاني برسات سبب سول ايويئيشن اختيارين هلڪي وزن وارن جهازن جي اڏام تي پابندي لڳائي ڇڏي، جڏهن ته ڪراچي ايئرپورٽ تي فضائي آپريشن به عارضي طور بند ٿي ويو، وڏي وزير سنڌ مراد علي شاهه واقعي جو فوري نوٽيس وٺندي ضلعي انتظاميا ۽ ريسڪيو ادارن کي هنگامي بنيادن تي ڪارروائي ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون، هُن ملبي هيٺ دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ ريسڪيو آپريشن تيز ڪرڻ ۽ زخمين کي فوري ۽ بهتر طبي سهولتون فراهم ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنو، جڏهن ته قيمتي جاني نقصان تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو، سينيئر صوبائي وزير وزير شرجيل انعام ميمڻ مواچ ڳوٺ واري واقعي کي انتهائي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو ته هينئر تائين 13 ڄڻا فوت ٿي چڪا آهن، جڏهن ته ريسڪيو ۽ امدادي ادارا هن وقت به موقعي تي سرگرم آهن، شهر ۾ صفائي سٿرائي، نالن جي صفائي ۽ پاڻي جي نيڪال جي نظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ هنگامي قدم کنيا ويا آهن، شرجيل ميمڻ موجب ڪجهه علائقن ۾ وڻن ۽ بجلي جي پولن ڪرڻ سبب بجلي بند ٿيڻ ڪري امدادي سرگرمين ۾ ڏکيائيون پيش آيون، پر لاڳاپيل ادارا صورتحال کي معمول تي آڻڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيا آهن، سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب بلديه مدينه ڪالوني مواچ ڳوٺ پهچي واقعي واري هنڌ جو جائزو ورتو ۽ عملدارن کان بريفنگ ورتي، ان موقعي تي هنن ريسڪيو ادارن کي هدايت ڪئي ته امدادي ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن ۽ ملبي هيٺ دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪيا وڃن، ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب چيو ته بلديا عظميٰ ڪراچي ۽ لاڳاپيل ادارا امدادي ڪاررواين ۾ مڪمل سهڪار ڪري رهيا آهن ۽ متاثر خاندانن کي اڪيلو نه ڇڏيو ويندو، اپوزيشن ليڊر علي خورشيدي به شديد برساتن سبب ٿيل جاني ۽ مالي نقصان تي گهري ڏک ۽ ڳڻتي جو اظهار ڪندي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته متاثر علائقن ۾ امدادي ڪارروايون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن ۽ زخمين کي وقت سر ۽ معياري طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.