جا عمر! تو مل عيد، سا اسان سوءَ ورتي سومرا، وئي ويچارن وسري خوشيءَ ۽ خريد

هي عيد جي حوالي سان مٿي لکيل عنوان اصل ۾ شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي شعري سٽ آهي جيڪا سر عمر مارئي تان ورتل آهي. جنهن ۾ مارئي وقت جي بادشاهه عمر سومري سان مخاطب آهي جنهن کيس سندس ڳوٺ جي کوهه تان کنڀي کڻي وڃي پنهنجي محلات ۾ کيس راڻي بڻائڻ چاهيو هو پر ٿر جي هن غيرت مند نياڻيءَ هڪ پل لاءِ به کيس قبول نه ڪيو هو نه ئي سندس شاهاڻيون سهولتون ورتيون پر هن محلات ۽ عياشين ۾ به هن جو روح پنهنجي وطن ٿرين سان جڙيل هو.  تنهن ڪري ڀٽائي صاحب جي لفظن ۾ هوءَ عمر سومري کي مخاطب ٿي چوي ٿي ته ”جا عمر! تو مل عيد، سا اسان سوءَ ورتي سومرا“. يعني توسان ڪيل يا ٿيندڙ عيدون مان پاڻ لاءِ سوڳ ۽ سوءَ ٿي ڀانيان.

سو اهو شعر جيتوڻيڪ عمر مارئي داستان تان کنيل آهي پر اهڙا شعر جيڪي ذات مان نڪري اجتماعيت ۾ تبديل ٿي وڃن سڀني ماڻهن جي جذبات جي عڪاسي ٿي وڃن سي شعر ئي عظيم شاعري جو لقب ماڻيندا آهن. ڀٽائي صاحب جي سموري شاعري جيئن ته اجتماعي آهي، سڀني جي ڪيفيتن جي عڪاس هوندي آهي تنهن ڪري هو سنڌ جو ۽ دنيا جو عظيم شاعر تسليم ڪيو ويو آهي ۽ سندس شاعري اڄ به سنڌي سماج جي نمائنده ۽ رهنما شاعري  مڃي وڃي ٿي. اسان ڪنهن به موضوع تي ڳالهايون، انٽرويو ڏيون، تقريرون ڪيون، مقالا پڙهون پر پوءِ به کٽي پوندا آهيون ۽ پوءِ ڀٽائي صاحب جي شاعري استعمال ڪري پنهنجي ڳالهه مڪمل ڪندا آهيون،  ايئن سنڌ ۾ جڏهن به ڪا عيد ٿيندي آهي ته ڀٽائي صاحب جي اها مٿي بيان ڪيل شعري سٽ ئي صدين کان سنڌي عوام جي ترجمان بڻجندي رهي آهي.

پر اسان وٽ مذهبي طور عيدون ملهايون وينديون آهن ۽ عوام ڀرپور نموني پنهنجو مذهبي فرض ادا ڪندو آهي ۽ انهن مذهبي فرضن جي  ادائيگي ۾ خوشين جو ڏڻ  ملهايون ويندو آهي. ان حساب سان يقينن اها عوام جي عيد آهي جنهن کي هرڪو قبول ڪري ٿو. اسان وٽ سال ۾ ٻه عيدون ٿينديون آهن هڪ عيدالفطر جي جنهن کي روزن جي عيد چيو ويندو آهي ۽ ٻي قرباني جي عيد هوندي آهي جيڪا حضرت ابراهيم عليه الاسلام جي پنهنجي پياري  پٽ جي قرباني سان منسوب آهي. سڀاڻي پنهنجي ملڪ اندر  عبدالفطر جي عيد آهي جيڪا 30 ڏينهن روزا رکڻ واري مذهبي فرض جي ادائيگي طور خوشي سان ملهائي ويندي. ان موقعي تي اسان به سڀني مسلمانن کي رمضان شريف ۾  روزا رکڻ جي خوشي طور ملهايل عيد جي مبارڪ ڏيون ٿا.

پر جڏهن عوام جي حقيقي خوشي واري عيد جو ذڪر ڪنداسين ته پنهنجي سنڌي سماج جي افق تي اڃان  اهو عيد جو چنڊ نروار ناهي ٿيو ۽ اهو صدين کان سورن ۾ آهي. ان ڪيفيت تي ڀٽائي صاحب جو اهو عيد وارو شعر منسوب ٿيندو آهي. ڇاڪاڻ ته سنڌي عوام تاريخي طور تي هر دور ۾ پاڻ مٿان مڙهيل حڪمرانن جي دور ۾ عيدون ملهائيندو آهي تنهن ڪري اهو هر دور جي بادشاهه عمر کي مخاطب ٿي چوندو آهي ته ” جا عمر تو مل عيد، سا اسان سوءَ ورتي سومرا“  سنڌي عوام دلي طور ڏکايل ۽ معاشي طور تباهه ٿيل آهي سو مذهبي فرض جي ادائيگي لاءِ ته برابر اهو مسرور آهي پر سندس معاشي حالت ايڏي خراب آهي جو هو عيد ملهائڻ جي به پوزيشن ۾ ناهي رهيو. عيدون هونديون آهن ته خوشحال انساني طبقي لاءِ، غريبن لاءِ ڀلا ڪهڙي عيد. رهندو اها غريت عيدن جي موقعن تي ويتر کين شديد احساس محرومي جو شڪار بڻائيندي آهي، والدين ويچارا ته پنهنجي اولاد کي منهن ڏيکارڻ جهڙا به ناهن هوندا ته اهي ڪيئن کين پنهنجي مالي ۽ معاشي بدحالي ٻڌائين.

۽ هوڏانهن  حڪومتن ۽ حڪمرانن جي بي حسي  به عيدن جي موقعن تي چوٽ چڙهيل هوندي آهي. بجاءِ  ان جي ته عيدن جي موقعن تي حڪومتون عوام کي رليف ڏين اهي ويتر عيدن جي موقعن تي مهانگائي وڌائي ڇڏينديون آهن ۽ سندن حڪومتي نيٽ ورڪ به اهڙو ناقص هوندو آهي جو جيڪڏهن ڪو واپاري، دڪاندار،  پبلڪ ٽرانسپورٽر، مارڪيٽ وارا پاڻمرادو مهانگ ڪن ته انهن کي ڪير روڪڻ وارو به ناهي هوندو. عيدن جي موقعن تي عوام جي مالي صحت بلڪل ئي نيست ۽ نابود ٿي ويندي آهي. اهڙي حالت ۾ ٿيندڙ عيد بس نالي ماتر ئي هوندي آهي.

پر هن سال ته هيءَ عيدالفطر سڀ مسلمان جنگين ۽ بارودن جي وسڪارن ۾ ملهائڻ تي مجبور آهن. ايران سان آمريڪا ۽ اسرائيل جنگ مڙهي سڄي وچ اوڀر جي مسلمان ملڪن جي عيد خراب ڪري ڇڏي آهي. اسلامي ملڪن جو هڪ ملڪ ”ايران“ جنگ جو شڪار آهي ۽ ٻيا اسلامي ملڪ سندس سانحي ۾ گڏ آهن، ڏکايل آهن ۽ ماتم زده آهن. اها ڪيڏي نه افسوس ۽ حيرت جي ڳالهه آهي ته دنيا اڄ پنهنجين حڪومتن ۽ حڪمرانن کان ئي غير محفوظ بڻجي وئي آهي. حڪومتون هڪڙن اقتداري ۽ سامراجي مفادن سبب هڪٻئي جي عوام کي جنگين هٿان مارائي رهيون آهن. ماڻهو پنهنجن پيارن جا لاش کڻن يا عيدون ملهائين. اسلامي ملڪ ڀلا ڪهڙي منهن سان عيدون ملهائين ۽ اهي برادر ملڪ ايران کي پوءِ ڪهڙو منهن ڏيکارينديون.

پوءِ ڪيئن نه چئجي ته  هيءَ عيد اسان سوءَ ڪري ملهائي رهيا آهيون. ڏکن ۾، تڪليفن ۾، پريشانين ۾، اذيتن ۾ ۽ هاڻي بمن جي بوڇاڙ ۾ جيڪا عيد  ملهائجي سا اسان جي شاعر محمد علي پٺاڻ جي هن شعري سٽ جهڙي ٿيندي ته ” جڙتو ئي سهي، مرڪ ضروري آ.“ اسان سڀني برابر خوشيءَ جو لباس پاتو آهي، چهرن تي عيد جا چنڊ کڙا ڪيا آهن، کلي رهيا آهيون، مرڪي رهيا آهيون، وڏا ٽهڪ ڏئي هڪٻئي کي وڏا ڀاڪر پائي رهيا آهيون پر اندر ۾ سڀ چُور آهيون، تباهه ۽ برباد ٿيل آهيون. ۽ اندر ئي اندر ۾ ڀٽائي صاحب جو اهو شعر ورجائي رهيا آهيون ته ”جا عمر! تو مل عيد، سا اسان سوءَ  ورتي سومرا“ وئي ويچارن  وسري خوشي ۽ خريد.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.