ٻئي ملڪ جي واقعن تي پاڪستان ۾ تشدد برداشت نه ڪيو ويندو:فيلڊ مارشل

راولپنڊي (م ڊ) چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان ۾ تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ مذهبي جذبن کي ملڪ ۾ تشدد ڀڙڪائڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي. آرمي چيف  چيو ته ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ واقعن جي بنياد تي پاڪستان ۾ تشدد ڪڏهن به برداشت نه ڪيو ويندو. پاڪ فوج جي ترجمان اداري موجب، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير راولپنڊي ۾ شيعا عالمن سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ هن قومي سلامتي ۽ بين الصوبائي هم آهنگي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ان موقعي تي فيلڊ مارشل چيو ته اتحاد، ڀائيچاري ۽ قومي ٻڌي کي هٿي ڏيڻ ۾ عالمن جو ڪردار اهم آهي، غلط ڄاڻ ۽ فرقيواراڻن بيانن جي رنڊ روڪ لاءِ عالم پنهنجو ڪردار ادا ڪن. چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ تشدد جي اجازت نه ڏني ويندي، مذهبي جذبن کي ملڪ ۾ تشدد ڀڙڪائڻ لاءِ استعمال نه ٿيڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته افغان طالبان پنهنجي سرزمين پاڪستان خلاف دهشتگردي لاءِ استعمال ٿيڻ کان روڪين، پاڪستان خلاف افغان سرزمين جو استعمال ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو، دهشتگرد ۽ انهن جا ٺڪاڻا جتي به هوندا، انهن کي نشانو بڻايو ويندو. آءِ ايس پي آر موجب، عالمن طرفان تشدد جي ڀرپور مذمت ڪئي وئي ۽ امن ۽ استحڪام لاءِ سڪيورٽي ادارن جي حمايت جو اعلان به ڪيو ويو. آءِ ايس پي آر موجب، آپريشن غضب للحق بابت فيلڊ مارشل دهشتگردن جي مڪمل خاتمي جو عزم به ڪيو.  فقه جعفريه سان تعلق رکندڙ ملڪ جي ناميارن عالمن فيلڊ مارشل سيد عاصم منير سان ملاقات ڪئي. ملاقات دوران قومي ٻڌي، ملڪي سلامتي ۽ استحڪام لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو ويو. عالمن مذهب جي نالي تي تشدد جي سخت مذمت ڪندي رياستي ادارن جي مڪمل حمايت جو اعلان ڪيو. ملاقات ۾ مولانا زاهد عباس ڪاظمي، علاما شبير حسن ميثمي، علاما عارف واحدي ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ رڳو فوج جي نه پر پوري قوم جي جنگ آهي. عالمن افغانستان جي بلاجواز جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته وطن جي دفاع لاءِ شهيدن جون قربانيون ناقابل فراموش آهن. هنن نوجوانن تي زور ڀريو ته هو رياست مخالف سرگرمين کان پري رهن ۽ ملڪي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪن. آخر ۾ ملڪي سلامتي لاءِ خصوصي دعا پڻ ڪرائي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.