اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف ترڪ صدر رجب طيب اردگان ۽ اردن جي بادشاهه شاهه عبدالله ٻئين سان ڌار ڌار ٽيليفونڪ رابطا ڪري کين عيدالفطر جون مبارڪون ڏنيون ۽ علائقائي سيڪيورٽي سميت گڏيل مفادن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي. وزيراعظم ۽ صدر مسلمانن جي اتحاد، امن ۽ خوشحاليءَ لاءِ گڏيل دعا ڪئي. شهباز شريف خطي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ ۽ خاص طور تي ترڪي تي ٿيندڙ ميزائل حملن جي سخت مذمت ڪندي چيو ته پاڪستاني قوم پنهنجي ترڪ ڀائرن سان گڏ بيٺي آهي. ٻنهي اڳواڻن اتفاق ڪيو ته مسئلن جو حل صرف سفارتڪاريءَ ۾ آهي. وزيراعظم پاڪستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ عارضي جنگ بندي ڪرائڻ ۾ ترڪي جي مصالحتي ڪردار جي پڻ ساراهه ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف شاهه عبدالله ٻئين سان ڳالهائيندي کيس ۽ اردن جي عوام کي عيد جون واڌايون ڏنيون. هن وچ اوڀر جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اردن تي ٿيندڙ حملن جي مذمت ڪئي. وزيراعظم گذريل سال نومبر ۾ شاهه عبدالله جي پاڪستان جي دوري کي ياد ڪندي چيو ته پاڪستان اردن جي سلامتيءَ لاءِ مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو. ٻنهي اڳواڻن وچ اوڀر ۾ امن ۽ ڀائيچاري جي ضرورت تي زور ڏنو.