نئون ديرو (رپورٽ: محمد علي جروار) نئون ديرو لڳ ڪچي جي ڳوٺ ڏاتر ڏنو آگاڻي ۾ ڪارنهن الزام هيٺ ٻٽو قتل، 20 ورهين جي نوجوان ناري سائره ڌيءَ احمد بخش آگاڻي کي ڳوٺ جي مسجد جي پيش امام ڀرواري ڳوٺ مٺو کهڙو جي رهواسي حفيظ کهڙو کي بيدرديءَ سان قتل ڪري لاش ڌار ڌار هنڌن تي اڇلايا ويا. اطلاع تي ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس پهچي پهرين مقتولا ناري سائره جو لاش تحويل ۾ وٺي نئون ديرو اسپتال منتقل ڪيو جنهن جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڳوٺ اماڻڻ بعد قتل ٿيل مسجد جي پيش امام حفيظ کهڙو جو لاش هٿ ڪرڻ بعد نئون ديرو اسپتال منتقل ڪيو ويو. جتي پوسٽ مارٽم بعد لاش وارث ڳوٺ کڻائي ويا. واقعي بابت ڪيٽي ممتاز ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ هو ته مقتولا ناري سائره قتل ٿيڻ کان اڳ پنهنجي زندگي بچائڻ لاءِ ون فائيو تي اطلاع ڏنو ته کيس چاچا ۽ سوٽ ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري ڇڏيندا سندس حياتي بچائي وڃي. پوليس بروقت ڪارروائي ڪري جيئن ڳوٺ پهتي ته سائرا زخمي حالت ۾ ڳوٺ جي گهٽي ۾ پيل هئي جنهن کي نئون ديرو اسپتال منتقل ڪيو تيستائين هن دم ڏئي ڇڏيو. جتي اها ڄاڻ ملي ته جوابدارن ڳوٺ جي مسجد جي پيش امام حفيظ کهڙو کي به قتل ڪري لاش گم ڪري ڇڏيو جنهن بعد اسان ڳوٺ ۾ ٻيهر پهچي مقتول پيش امام جو لاش هٿ ڪري پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو آهي جنهن کي سخت تشدد جو نشانو بڻائي قتل ڪرڻ بعد لاش اڇلايو ويو هو. واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي جيڪو به ملوث هوندو انهن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي ويندي. اسپتال ۾ موجود مقتولا ناري سائره جي والد احمد بخش جو چوڻ هو ته منهنجي نياڻي کي سوٽ شهزادو پنهنجي ساٿين سان ملي ڪارنهن جو الزام ڏئي گهر کان ٻاهر ڪڍي پوءِ گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو. اسپتال ۾ موجود مقتول جي پٽ بلال آگاڻي ٻڌايو ته والد مٿان ڪارنهن جو ڪوڙو الزام لڳايو پيو وڃي. هو انهن جو ڏوهي نه هو. جميل آگاڻي افطاري کان پوءِ فون ڪري والد کي ٻاهر گهرايو ۽ چيو ته اسان کي عيد جا ڪپڙا سلائي ڪري ڏيندا ان جي ماپ لاءِ اسان سان ڳوٺ هلو پوءِ هنن والد کي وٺي وڃي بيدرديءَ سان قتل ڪري ڇڏيو آهي. مامري جي شفاف جاچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. هوڏانهن ڪارنهن الزام هيٺ قتل ٿيل ناري ۽ پيش امام حفيظ کهڙو جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد لاش اباڻن قبرستانن ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيا ويا آهن. جڏهن ته آخري اطلاعن تائين جوابدارن جي گرفتاري عمل ۾ ناهي اچي سگهي ۽ نه ئي واقعي جو ڪيس داخل ٿي سگهيو.