سورھيه بادشاھه جي شھادت جو ڏينهن

مشتاق علي لنڊ

اڄ جڏهن سنڌ جي تاريخ جا ورق کولجن ٿا ته انگريزن خلاف مزاحمت جي انهن داستانن ۾ سورهيه بادشاھ جو نالو وڏي احترام سان محسن مسلم ملت برصغير طور لکيل ملي ٿو . سندس جدوجهد ، بهادري ۽ قرباني سنڌ جي ماڻهن لاءِ هميشه همت ، حوصلي ۽ آزاديءَ جي محبت ۽ جرئت جو روشن مثال رهندي . شهيد سورهيه بادشاھ هڪ معزز روحاني گهراڻي ۾ 13 صفر 1327 ھ مطابق 4 مارچ 1909ع تي ضلع خيرپور ميرس جي ڳوٺ پير ڳوٺ ۾ جنم ورتو ، جيڪو حر تحريڪ سان وابسته هو ۽ جنهن جو اثر سنڌ جي سماج ۽ سياست تي گهڻو نمايان رهيو . ننڍپڻ کان ئي هن پنهنجي بزرگن کان تربيت ، روحانيت ۽ قوم سان محبت جو درس حاصل ڪيو . هن جي شخصيت ۾ وقار ، بهادري ۽ عوام سان سچي وابستگي جا اهي رنگ موجود هئا ، جيڪي وقت سان گڏ وڌيڪ نمايان ۽ مضبوط ٿيندا ويا . جڏهن وقت جي تقاضا ۽ روايتن مطابق کيس روحاني قيادت جي ذميواري سونپي وئي ۽ هو پير پاڳارو جي منصب تي فائز ٿيو ، تڏهن هن هڪ روحاني پيشوا جي حيثيت پنهنجي ماڻهن جي اميدن ، جدوجهد ۽ آزاديءَ جي خواهشن جي نمائندگي ڪندڙ رهبر طور پاڻ کي ثابت ڪيو . سندس قيادت ۾ ماڻهن جي دلين ۾ شجاعت  جرئت ، آزادي ۽ ظلم خلاف مزاحمت جو جذبو وڌيڪ مضبوط ٿيو، جيڪو اڳتي هلي انگريزن جي حڪومت خلاف هڪ وڏي تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ويو . اهڙيءَ طرح شهيد سورهيه بادشاھ جي زندگي جو اهو ابتدائي دور ، يعني پيدائش کان وٺي پير پاڳارو ٿيڻ تائين ،  سندس شخصيت جي تعمير جو زمانو هو ۽ اهو مستقبل ۾ ٿيندڙ عظيم جدوجهد جو بنياد به بڻيو . سندس قيادت ، روحانيت ۽ بهادري سنڌ جي تاريخ ۾ هميشه لاءِ روشن باب بڻجي چڪي آهي . سندس ڏاڏي، سيد محمد راشد راشدي ، پنهنجي زماني ۾ اخلاق ، عدل ۽ ايمانداري جو مثال هئا ۽ اهي خصوصيتون سورهيه بادشاھ ۾ قدرتي طور منتقل ٿي ويون . ننڍي عمر کان ئي سندس شخصيت ۾ قيادت ، بصيرت ۽ عوام سان محبت جا رنگ نمايان هئا ، جيڪي کيس هڪ وڏي روحاني ۽ سماجي اڳواڻ بڻائڻ جا بنياد ثابت ٿيا . جڏهن سندس والد شاھ مردان شاھ اول وفات ڪري ويو ، تڏهن صرف 13 سالن جي عمر ۾ سورهيه بادشاھ درگاھ راشدي جي ذميواري سنڀالي ۽ پنهنجي ماڻهن جي خدمت لاءِ هر قرباني ڏيڻ تي تيار رهيو . پير سائين پاڳارو هڪ بهادر ، بصيرت مند ۽ باهمت اڳواڻ هو . سندس زندگي جو مقصد اسلام جي اصل پيغام کي سنڌ ۽ ٻين علائقن تائين پهچائڻ ۽ ماڻهن کي سچائي ۽ ايمانداريءَ جي راھ تي هلڻ جي تربيت ڏيڻ هو . سندس وفادار ساٿي ، جيڪي هن جي چئوگرد اچڻ وارا هئا ، انهن کي “حر جماعت” سڏيو ويندو هو . هي جماعت ايمان ، قرباني ۽ بهادريءَ جي علمبردار بڻجي ، ظلم ۽ زيادتي خلاف هميشه تيار رهي . انگريزن جڏهن سورهيه بادشاھ جي جماعت ۽ سندس وڌندڙ اثر کان ڊڄي ويا ، تڏهن انهن سندس خلاف ظلم ، قيد ۽ پابنديون شروع ڪيون . انگريزن پير سائين پاڳارو جي بهادري ، سياسي ۽ روحاني اثر کان تمام گهڻو ڊڄي ويا . هنن ڪوشش ڪئي ته کيس پنهنجي راڄ جو حامي بڻائين ۽ ان لاءِ کيس وڏي آڇ پيش ڪئي وئي . انگريزن چيو  ” اسان توهان کي’سر‘ جو خطاب ۽ تلوار سان اعزاز ڏينداسين ۽ هر طرح جو اعليٰ مرتب ڏيون ٿا   “ پير سائين پاڳارو ، يعني سائين سورهيه بادشاھ  پنهنجي اصولن ۽ ايمانداريءَ تي قائم رھيا . هن شجاعت سان جواب ڏنو  ” تعريف ۽ اعزاز اسان کي پنهنجي زمين ، پنهنجي ماڻهن ۽ پنهنجن اصولن سان آهي . منهنجو لقب پاڳارو ئي آهي ۽ منهنجا هٿيار ، منهنجي جان ، منهنجي وفادارن ۽ منهنجي ماڻهن سان گڏ آهن . ڪو به سر يا تلوار اسان جي عزت ۽ اصولن کان مٿي نه آهي .”

پير سائينء جو هي جواب نه صرف سندس بهادري ۽ اصولن جي پختگي کي ڏيکاري ٿو ، پر اهو پڻ ڏيکاري ٿو ته سورهيه بادشاھ لاءِ  عزت ، ايمانداري ۽ قرباني سڀ کان مٿي هئي . سندس هٿيار ۽ پنهنجي ماڻهن سان وابستگي ئي سندس اصل طاقت هئي . اهڙي بهادري ، ايمانداري ۽ اصول پرستي سبب ئي سورهيه بادشاھ جو نالو سنڌ جي هر ڪنڊ ۾ روشن ٿي ويو ۽ سندس قرباني هميشه ياد رکڻ جهڙي آهي . 26 مارچ 1930ع تي سورهيه بادشاھ کي انگريزن گرفتار ڪيو . جيل ۾ هجڻ دؤران به هن پنهنجن جذبن کي مضبوط رکيو ۽ هڪ ڪتاب لکيو ، جنهن ۾ آزادي ، انسانيت ۽ غلامي خلاف شعور کي اُجاگر ڪيو . هن پنهنجي لفظن ۾ لکيو  “  انسان غلام ٿيڻ لاءِ پيدا نه ٿيو آهي .” 1936ع ۾ کيس آزادي ملي ۽ 1937ع ۾ حج تي وڃڻ جي اجازت ملي ، جتي روحاني تربيت حاصل ڪري واپس اچي پنهنجي جماعت کي وڌيڪ منظم ۽ مضبوط ڪيو . پنھنجي سانگھڙ واري بنگلي کي مرڪز بڻائي انگريزن خلاف ڀرپور تحريڪ شروع ڪيائون  .ھڪ تاريخي نظريو ۽ نعرو ڏنائون ” وطن يا ڪفن ۔ آزادي يا موت “ . حر جماعت وڏي بھادريء سان انگريزن جي حڪومت خلاف وڏي پئيماني تي ڪاروايون شروع ڪري ڏنيون . 1 جون 1943ع حرن جي علائقن ۾ ماشل لا لاڳو ڪيو ويو . انگريز ملٽري حرن جو قتل عام شروع ڪيو  ڳوٺن کي باھيون ڏيئي ساڙيو ويو . انھن جون ملڪيتون ضبط ڪيون ويون گڙنگ بنگلي ۽ پير جو ڳوٺ واريء سندن رھائشگاھ کي ڊائنامائيٽ ذريعي ڊاٺو ويو ڪيترائي حر گرفتار ڪري ٻين صوبن جي جيلن ۾ موڪليا ويا  ڪيترن حرن کي ڪئمپن  يعني لوڙھن ۾ بند ڪيو ويو . ڪيترائي حر گرفتار ڪري کاري پاڻي يعني انڊمان ٻيٽ موڪليا ويا . انھن سڀني ظلمن جي سامھون حر پنھنجي شجاعت سان گوريلا ويڙھ جاري رکي . سورهيه بادشاھ جي زندگي هميشه ظلم ۽ جبر جي خلاف بيٺل رهي . 1941ع ۾ کيس ٻيهر گرفتار ڪيو ويو ۽ 20 مارچ 1943ع تي شهيد ڪيو ويو .

پير پاڳاري جي شهادت نه صرف هڪ فرد جي قرباني هئي ، پر سڄي سنڌ جي آزادي ، ايمانداري ۽ بهادري جي علامت بڻجي وئي . حضرت شاھ عبداللطيف ڀٽائي رح جو بيت سندس بهادري ۽ اصولن جي پابندي کي بهترين طريقي سان بيان ڪري ٿو   “سوريء سڏ ٿيو  ڪا ھلندي جيڏيون  وڃڻ تن پيو  نالو نيھن ڳنھن جي “  پير سائين پاڳارو سورهيه بادشاھ اسان سڀني لاءِ هڪ اهڙو مثال آهي ، جيڪو سيکاي ٿو ته ڪيئن ايمانداري ، بهادري ۽ قربانيءَ جي رستي تي هلندي ، پنهنجي ماڻهن ، پنهنجي عقيدت ۽ پنهنجي وطن لاءِ لازوال خدمتون سرانجام ڏنيون وڃن . سندس زندگي ڏيکاري ٿي ته اصل بهادري هٿيار ۾ نه پر دل ، روح ۽ اصولن ۾ آهي . سورهيه بادشاھ جو نالو ۽ سندس قربانيون هميشه دلين ۽ تاريخ ۾  زندھ ۽ جاويد رھندا . آخرڪار انھن عظيم قربانين رنگ لاتو اسان جو ملڪ ستت ئي ڌارين جي چنبي مان 14 آگسٽ 1947ع آزاد ٿي اسلامي جمھوريه پاڪستان طور دنيا جي نقشي تي نمودار ٿيو . حڪومت پاڪستان پير صاحب جي فرزندن کي پرڏيھ مان واپس گھرايو سندس فرزند سيد شاھ مردان ثاني 4 فيبروري 1952ع تي ” پير سائين پاڳارو“  ستون گاديء تي ويٺا . اپريل 1952ع تي حڪومت لوڙھن کي ختم ڪري سڀني حرن کي آزاد ڪيو . سورھيه باشاھ ۽ حر جماعت محسن مسلم برصغير آھن جن جي ڪري ئي ڌاريا ملڪ تان قبضو ختم ڪرڻ ۽ نڪرڻ تي مجبور ٿيا جنھن جو اعزاز سچ پچ سائين سورھيه بادشاھ ۽ حر جماعت کي آھي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.