پاڪستان جي معاشي ڍانچي ۾ جيڪڏهن ڪنهن هڪ طبقي کي سڀ کان وڌيڪ دٻاءُ، ذميواري ۽ قرباني جو بار کڻڻو پئجي رهيو آهي ته اهو آهي پگهاردار طبقو جيڪو نه رڳو پنهنجو گهر هلائڻ لاءِ محدود آمدني تي ڀاڙي ٿو پر ساڳئي وقت رياست جي ٽيڪس نظام کي به پنهنجي ڪلهن تي کڻي هلي ٿو، افسوس جي ڳالهه آھي ته ته جنهن طبقي کي رياست جو سڀ کان وڌيڪ تحفظ ملڻ گهرجي اهو ئي اڄ سڀ کان وڌيڪ متاثر نظر اچي رهيو آهي.
گذريل پنجن سالن، يعني 2020ع کان 2025ع تائين پگهاردار طبقي جي ٽيڪس ادائيگين ۾ ڪافي اضافو ٿي ويو آهي انگن اکرن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته هن طبقي جي حصي پتي ۾ لڳ ڀڳ چار سئو سيڪڙو واڌارو ٿيو آهي جيڪڏهن ان کي ريٽيل شعبي سان ڀيٽجي ته فرق اڃا وڌيڪ حيران ڪندڙ آهي جتي پگهاردار طبقي جو حصو 1300 سيڪڙو تائين وڌي ويو آهي، اهو صرف انگن جي راند نه پر هڪ اهڙي حقيقت آهي جيڪا ملڪ جي معاشي ناانصافي کي چٽي نموني ظاهر ڪري رهي آهي.
حيرت انگيز ڳالهه هيءَ به آهي ته ملڪ ۾ وڏن ڪاروباري گروپن، پراپرٽي ٽائڪون، هول سيلرز ۽ ايڪسپورٽرز کي مختلف مدن ۾ رعايتون ۽ سهولتون ڏنيون وڃن ٿيون جڏهن ته پگهاردار طبقو بنا ڪنهن رعايت جي سخت ٽيڪسن جو بار برداشت ڪري رهيو آهي، هن سال جي صرف پهرين اٺن مهينن ۾ ئي پگهاردار طبقي اندازن 325 ارب رپيا ٽيڪس طور قومي خزاني ۾ جمع ڪرايا آهن، جيڪو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته رياست جي آمدنيءَ جو وڏو حصو هن ئي طبقي مان اچي رهيو آهي،
حڪومت جي پاليسين ۾ هڪ واضح فرق نظر اچي ٿو ته هڪ پاسي ريٽيلرز ۽ ٻين شعبي کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جون ڳالهيون ٿين ٿيون پر عملي طور تي انهن کي رعايتون ڏنيون وڃن ٿيون ۽ ٻئي طرف پگهاردار طبقي لاءِ نه رڳو ٽيڪس شرح وڌائي وڃي ٿي پر ڊيفالٽ سرچارج جهڙا اضافي بار به وڌا وڃن ٿا ۽ پگهار ملازمن جي هٿن ۾ اچڻ کان اڳ ئي ٽيڪس جي صورت ۾ ڪٽجي پوءِ بقايا ملي ٿي حالانڪ ملازم ته سرڪار جو نوڪر آهي ۽ نوڪر کان مالڪ ٽيڪس وصول ڪري اهو هڪ لمحه فڪريه آهي، حڪمرانن جي ناقص پاليسين سبب هي طبقو آهستي آهستي معاشي طور ڪمزور ٿي رهيو آهي.
مهانگائي جو طوفان اڳ ئي عوام جي اڳ ئي چيلھه چٻي ڪري ڇڏي آهي، مٿان وري هنن تي ڳرا ٽيڪس لاڳو ٿين ٿا ته حالتون وڌيڪ خراب ٿيو وڃن ٿيون، پگهاردار ماڻهو پنهنجي محدود آمدني مان نه رڳو سڌو ٽيڪس ادا ڪن ٿا پر روزمره جي هر شئي تي به ٽيڪس ڏئي رهيا آهن کنڊ، چانھه ، اٽو، تيل، ڪپڙا، ايستائين جو سوئي ۽ ڌاڳو به ٽيڪس کان آجو ناهي مطلب ته هڪ عام ملازم پنهنجي هر ساهه تي ٽيڪس ادا ڪري رهيو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو پگهاردار طبقي لاءِ زندگي هڪ مسلسل نه ختم ٿيندڙ جنگ بڻجي وئي آهي، خاص طور تي جڏهن عيد جهڙا خوشين جا موقعا اچن ٿا ته هي جنگ وڌيڪ خطرناڪ ٿي وڃي ٿي ان ملازم لاءِ جتي هڪ طرف ٻار نوان ڪپڙا، جتيون ۽ مٺايون گهرن ٿا ته ٻئي پاسي والدين جي کيسي ۾ محدود رقم ٻه ناهي هوندي جو هو ڪجهه خوشيون خريد ڪري سگهن، استاد ته وري لکن ۾ پگهارون کڻن ٿا ۽ پارٽ ٽائيم هزارين روپيا ٽيوشن مان به ڪمائين ٿا انهن جو ڪجهه سسٽم بيلنس ٿي وڃي ٿو پر ڪيترائي ملازم اهڙا به آهن جيڪي پنهنجي ٻارن جي خواهشن کي پورو ڪرڻ لاءِ وياج تي قرض کڻڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا.
عيد، جيڪا خوشين ۽ خوشحالي جو پيغام کڻي اچي ٿي پر پگهاردار گهرن لاءِ پريشاني جو سبب بڻجي وڃي ٿي، هڪ عام ملازم لاءِ اهو فيصلو ڪرڻ ڏکيو ٿي وڃي ٿو ته گهر جو راشن خريد ڪري يا ٻارن لاءِ عيد جا ڪپڙا وٺي، مهانگائي سبب ڪپڙن، جتين ۽ روز مرھ جي استعمال ۾ ايندڙ شين ۽ خوراڪ جي قيمتن ۾ جيڪو اضافو ٿيو آهي، اهو هن طبقي جي برداشت کان ٻاهر ٿي ويو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ ضرورت ان ڳالهه جي به آهي ته حڪومت پگهاردار طبقي لاءِ خاص قدم کڻي عيد جي موقعي تي ملازمن کي ايڊوانس پگهار ڏيڻ بجاءِ گهٽ ۾ گهٽ هڪ بونس ڏيڻ جي پاليسي اختيار ڪئي وڃي ته جيئن اهي پگهاردار پنهنجي خاندان سان خوشيءَ جا لمحا سک سان گذاري سگهن، هي هڪ انساني همدردي به ۽ حڪمرانن تي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ فرض به آهي، جيڪي ملازم سڄو سال ايمانداري سان ڪم ڪري ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن ٿا.
ان کان علاوه حڪومت کي گهرجي ته ٽيڪس نظام ۾ توازن آڻي ۽ صرف پگهاردار طبقي تي بار وجهڻ بدران ٻين شعبن کي به برابري سان ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ريٽيلرز، هول سيلرز ۽ وڏن ڪاروباري گروپن کي ڏنل غيرضروري رعايتون ختم ڪري هڪ منصفاڻو نظام جوڙيو وڃي،
آءِ ايم ايف سان ڪيل معاهدن جو بار به اڪثر ڪري عام ماڻهوءَ ۽ پگهاردار طبقي تي وڌو وڃي ٿو، جيڪو بڪ جمهوري عمل ناهي جيڪڏهن حڪومت واقعي معيشت کي مستحڪم ۽ قوم کي خوشحال ڪرڻ چاهي ٿي ته ان لاءِ ضروري آهي ته عوام دوست پاليسيون اختيار ڪري ٽيڪسن ۾ نرمي، بنيادي ضرورتن تي سبسڊي ۽ پگهاردار طبقي لاءِ رليف پيڪيج ڏنا وڃن.
توانائي جي شعبي ۾ وڌندڙ بحران به حالتن کي وڌيڪ سنگين بڻائي رهيو آهي تيل ۽ گئس جي کوٽ سبب بجلي ۽ ٽرانسپورٽ جا اگهھ وڌي رهيا آهن جن جو پڻ سڌو اثر عام ماڻهوءَ جي زندگي تي پوي ٿو جڏهن آمدني محدود هجي ۽ خرچ وڌندا وڃن ته معاشي توازن برقرار رکڻ ناممڪن ٿي وڃي ٿو،
اڄ جو پگهاردار طبقو هڪ اهڙي موڙ تي بيٺو آهي جتي هو پنهنجي ذميوارين ۽ وسيلن جي وچ ۾ توازن قائم ڪرڻ لاءِ پريشان آهي، جيڪڏهن هن طبقي کي نظرانداز ڪيو ويو ته نه رڳو ان جي معاشي حالت خراب ٿيندي، پر ملڪ جي مجموعي معيشت به متاثر ٿي سگهي ٿي،
جڏهن ته اهو سوال پڻ ذهن ۾ اچي ٿو ته ڇا پگهاردار طبقو رياست جو ملازم آهي يا صرف قرباني جو ٻڪرو؟ جيڪڏهن حڪومت سنجيدگي سان هن سوال جو جواب ڳولهڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻ چاهي ٿي ته ان کي پاليسين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي ۽ انصاف تي ٻڌل ٽيڪس نظام، مهانگائي تي ڪنٽرول ۽ پگهاردار طبقي لاءِ رليف ڏيڻو پوندو، اهي سڀ قدم ملڪ ۽ قوم کي معاشي استحڪام ڏانهن وٺي وڃي سگهن ٿا. عيد ويجهو آهي ۽ هي اهو وقت آهي ته حڪومت کي پنهنجي پاليسين نرمي آڻي انساني همدردي جو پهلو شامل ڪرڻ گهرجي جنهن سان ملازم پنهنجي ٻارڙن جي چهرن تي مسڪراهٽ آڻي سگهن ٿا ۽ اهوئي حقيقي معاشي ڪاميابي طرف قدم هوندو ٻي صورت ۾ خوشين جا اهي ڏينهن به پريشاني ۽ محرومي جي ڪهاڻي بڻجي ويندا.