هر سال 22 مارچ تي سڄي دنيا ۾ عالمي پاڻيءَ جو ڏهاڙو ملهايو ويندو آهي. هي ڏينهن گڏيل قومن جي سرپرستي هيٺ ملهايو وڃي ٿو، جنهن جو مقصد صاف پاڻي جي اهميت کي اجاگر ڪرڻ ۽ پاڻي جي پائيدار استعمال بابت عالمي سطح تي شعور پيدا ڪرڻ آهي. 1993 کان شروع ٿيندڙ هي روايت هاڻي هڪ عالمي تحريڪ بڻجي چڪي آهي، جنهن وسيلي حڪومتن، ادارن ۽ عوام کي پاڻي سان لاڳاپيل چئلينجن ڏانهن ڌيان ڇڪائڻ ۽ عملي قدم کڻڻ لاءِ همٿايو وڃي ٿو۔
سال 2026 لاءِ عالمي پاڻيءَ جي ڏهاڙي جو موضوع پاڻي ۽ صنفي برابري رکيو ويو آهي، جڏهن ته ان جو نعرو آهي: جتي پاڻي وهي ٿو، اتي برابري وڌي ٿي. هن موضوع جو بنيادي مقصد اهو واضح ڪرڻ آهي ته پاڻي تائين رسائي ۽ صنفي برابري جو پاڻ ۾ گهرو تعلق آهي. دنيا ۾ پاڻي جو بحران اربين ماڻهن کي متاثر ڪري رهيو آهي، پر ان جا اثر سڀني تي هڪجهڙا ناهن ٿيندا. ڪيترين حالتن ۾ پاڻي جي کوٽ، غير محفوظ پاڻي يا پاڻي جي دور هجڻ جو سڀ کان وڏو بار عورتن ۽ ڇوڪرين تي پوي ٿو۔ عالمي انگن اکرن موجب 1.8 ارب کان وڌيڪ ماڻهو پنهنجي گهرن ۾ صاف پيئڻ جي پاڻي جي سهولت کان محروم آهن. انهن مان لڳ ڀڳ ٻه ٽيهائي گهرن ۾ پاڻي آڻڻ جي ذميواري عورتن ۽ ڇوڪرين تي هوندي آهي. اندازن مطابق دنيا ۾ عورتون روزانو گڏيل طور تي 250 ملين ڪلاڪ صرف پاڻي آڻڻ ۾ خرچ ڪن ٿيون. جيڪڏهن اهو وقت تعليم، روزگار يا سماجي سرگرمين ۾ استعمال ٿئي ته سماجي ۽ معاشي ترقي ۾ نمايان اضافو ٿي سگهي ٿو۔ انهيءَ لحاظ سان پاڻي جو بحران صرف ماحولياتي يا ترقياتي مسئلو نه پر صنفي برابري جو به هڪ اهم مسئلو آهي. صاف پاڻي ۽ نيڪالِ آب جون سهولتون عورتن کي بااختيار بڻائڻ، صحت کي بهتر ڪرڻ ۽ پائيدار ترقي حاصل ڪرڻ لاءِ بنيادي حيثيت رکن ٿيون۔
پاڻي جو عالمي بحران
پاڻي زندگي، صحت، خوراڪ جي پيداوار، ماحولياتي نظام ۽ معاشي ترقي لاءِ بنيادي اهميت رکي ٿو. ان جي باوجود دنيا ۾ اربين ماڻهو اڃا تائين محفوظ پيئڻ جي پاڻي ۽ مناسب صفائي جي سهولتن کان محروم آهن۔ گڏيل قومن جي رپورٽن موجب دنيا ۾ لڳ ڀڳ 2.1 ارب ماڻهو محفوظ پيئڻ جي پاڻي جي باقاعده سهولت کان محروم آهن. اهڙي صورتحال سبب بيمارين، غربت، غذائي کوٽ ۽ ماحولياتي مسئلن ۾ اضافو ٿئي ٿو۔
پاڻي جي عالمي بحران کي وڌيڪ پيچيده بڻائيندڙ ڪجهه اهم عنصر هي آهن، موسمياتي تبديلي ۽ برساتن جي نمونن ۾ تبديلي، آبادي ۾ تيز واڌ ۽ شهري ڦهلاءُ، دريائن ۽ زيرزمين پاڻي جي گدلاڻ، ڪمزور حڪمراني ۽ پراڻو انفراسٽرڪچر ۽ پاڻي جي وسيلن جي غير منصفاڻي ورڇ. گهڻن ترقي پذير ملڪن ۾ ڳوٺاڻا علائقا ۽ غير رسمي شهري بستيون سخت پاڻي جي کوٽ جو شڪار آهن. انهن علائقن جا ماڻهو گهڻو ڪري پري کوهن، دريائن يا ٽينڪر جي پاڻي تي ڀاڙين ٿا، جيڪو گهڻو ڪري غير محفوظ ۽ غير يقيني هوندو آهي۔
پاڻي ۽ عورتون
عالمي پاڻي جي ڏهاڙي 2026 جو هڪ اهم پيغام اهو آهي ته پاڻي جو بحران سڀني کي متاثر ڪري ٿو، پر سڀني کي هڪجهڙي نموني سان نه۔ دنيا جي ڪيترن سماجن ۾ گهر جي پاڻي جي انتظام جي ذميواري عورتن تي هوندي آهي. اهي پاڻي آڻين ٿيون، ان کي محفوظ رکن ٿيون، کاڌو پچائڻ ۽ صفائي لاءِ استعمال ڪن ٿيون ۽ پاڻي سان لاڳاپيل بيمارين جي صورت ۾ مريضن جي سنڀال پڻ ڪن ٿيون. عورتون ۽ ڇوڪريون روزانو ڪيترائي ڪلاڪ پري علائقن مان پاڻي آڻڻ ۾ خرچ ڪن ٿيون. نتيجي طور ڇوڪرين جي تعليم متاثر ٿئي ٿي ۽ عورتن لاءِ روزگار جا موقعا گهٽجي وڃن ٿا۔
صحت ۽ سلامتي جا خطرا
پاڻي آڻڻ لاءِ ڊگها فاصلا طئي ڪرڻ دوران عورتن کي سخت موسم، غير محفوظ ماحول ۽ جسماني ٿڪاوٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. ڳرا برتن کڻڻ سبب جسماني بيماريون به پيدا ٿي سگهن ٿيون۔
غير محفوظ پاڻي جي استعمال سان هيضو، پيچش ۽ دست جهڙيون بيماريون به پکڙجن ٿيون، جن جي سنڀال اڪثر عورتن کي ڪرڻي پوي ٿي.
فيصلن ۾ محدود نمائندگي
گهرن ۾ پاڻي جي انتظام ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ باوجود عورتن کي پاڻي سان لاڳاپيل پاليسي سازي، منصوبا بندي ۽ سرڪاري ادارن ۾ گهڻو ڪري مناسب نمائندگي نٿي ملي.
پاڻي هڪ بنيادي انساني حق
گڏيل قومن مطابق محفوظ پيئڻ جو پاڻي ۽ نيڪالِ آب تائين رسائي بنيادي انساني حق آهي۔ پاڻي صرف بقا لاءِ نه پر انساني وقار، برابري ۽ سماجي انصاف لاءِ به ضروري آهي. پاڻي کانسواءِ معاشرا صحت، صفائي ۽ معاشي سرگرمين کي برقرار نٿا رکي سگهن۔ ان مسئلي جي حل لاءِ گڏيل قومون حقن تي ٻڌل حڪمت عملي تي زور ڏين ٿيون، جنهن ۾ شامل آهن: پاڻي تائين برابر رسائي، فيصلن ۾ شموليت، وسيلن جي منصفاڻي ورڇ، ادارن جي جوابدهي ۽ پائيدار ترقي جا هدف. پاڻي ۽ صنفي برابري جو لاڳاپو گڏيل قومن جي پائيدار ترقي جي هدفن (SDGs) سان پڻ جڙيل آهي۔
SDG 6: صاف پاڻي ۽ صفائي
SDG 5: صنفي برابري اهي ٻئي هدف هڪ ٻئي سان گهري ريت لاڳاپيل آهن.
پاڪستان ۾ پاڻي جا مسئلا
پاڪستان انهن ملڪن مان آهي جتي پاڻي جي کوٽ هڪ سنگين مسئلو بڻجندي پئي وڃي. وڌندڙ آبادي، موسمياتي تبديلي، آلودگي ۽ پاڻي جي غير مؤثر استعمال آبي وسيلن تي شديد دٻاءُ وڌائي ڇڏيو آهي۔ملڪ ۾ في ماڻهو پاڻي جي دستيابي گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ نمايان طور گهٽجي وئي آهي ۽ پاڪستان آهستي آهستي پاڻي جي شديد کوٽ طرف وڌي رهيو آهي۔
اهم مسئلا هي آهن:
زيرزمين پاڻي جي سطح ۾ گهٽتائي، شهري علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ، نيڪالِ آب جو ڪمزور نظام، زراعت ۾ پاڻي جو غير مؤثر استعمال، ٻوڏ ۽ خشڪ سالي جا وڌندڙ خطرا.
اڳتي جو رستو
عالمي پاڻي جي ڏهاڙي 2026 اسان کي اهو موقعو ڏئي ٿو ته اسان هن اهم مسئلي تي سنجيدگي سان غور ڪريون ۽ عملي قدم کڻون۔ ان مقصد لاءِ ضروري آهي ته: سڀني ماڻهن کي محفوظ پيئڻ جي پاڻي ۽ صفائي جون سهولتون مهيا ڪيون وڃن آبي نظام جي انتظام ۾ عورتن جي قيادت کي فروغ ڏنو وڃي موسمياتي تبديلي کي نظر ۾ رکندي مضبوط آبي انفراسٽرڪچر تيار ڪيو وڃي عورتن لاءِ تعليم ۽ پيشاورانه موقعا پيدا ڪيا وڃن پاڻي سان لاڳاپيل پاليسين ۾ صنفي برابري کي شامل ڪيو وڃي.
نتيجو
پاڻي صرف هڪ قدرتي وسيلو نه پر زندگي، صحت ۽ انساني وقار جي بنياد آهي. اڄ به دنيا ۾ لکين عورتون ۽ ڇوڪريون پاڻي جي کوٽ ۽ غير محفوظ صفائي جي سهولتن جو سڀ کان وڏو بار کڻي رهيون آهن۔ عالمي پاڻي جي ڏهاڙي 2026 اسان کي اهو ياد ڏياري ٿو ته پاڻي جي بحران جو حل صرف انفراسٽرڪچر يا ٽيڪنالاجي سان ممڪن ناهي، پر ان لاءِ برابري، شموليت ۽ بااختياري ضروري آهي جتي پاڻي وهي ٿو اتي سماج ترقي ڪري ٿو جتي عورتون قيادت ڪن ٿيون اتي ترقي تيزي سان ٿئي ٿي ۽ حقيقت اها آهي ت جتي پاڻي وهي ٿو، اتي برابري وڌي ٿي.